122

پنجاب ۾ به حڪومت جا ميمبر پڪڙيو ته حمزه وزيراعليٰ بڻجي سگهي ٿو: شاهد خاقان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پنجاب ۾ به حڪومت جا ميمبر پڪڙيو ته حمزه وزيراعليٰ بڻجي سگهي ٿو، هن چيو ته ماضي ۾ اپوزيشن کي ٽوڙي حڪومت کي ميمبر ڏنا ويندا هئا، هن واري گهرج تحت حڪومت کان ميمبر اپوزيشن کي ڏنا ويا آهن، سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي پنجاب ۾ وزيراعليٰ جو فيصلو ڪرڻ چاهي ٿي ائين ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن حڪومت ان جو ساٿ ڏئي، هن چيو ته عوام کي اپوزيشن ۾ فرينڊلي نه پر حقيقي اپوزيشن کپي جيڪا انهن کي ملندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو