217

پنجين ٿل ڊزرٽ ڪار ريلي، صاحبزادي سلطان محمد علي مقابلو کٽي ورتو

مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) مظفر ڳڙهه ويجهو ٿل ريگستان ۾ پنجين ٿل ڊزرٽ ڪار ريلي جو مقابلو ڪرايو ويو، جيڪو مقابلو صاحبزادي سلطان محمد علي کٽي ورتو آهي، ٽن ڏينهن واري ٿل ڊزرٽ مقابلي جي آخري ڏينهن تي صاحبزادي سلطان محمد علي پهرئين نمبر اچي مقابلو کٽي ورتو آهي. جڏهن ته آصف فضل چوڌري ٻئي نمبر تي رهيو. سلطان محمد علي  مقرر ڪيل مفاصلو هڪ ڪلاڪ، 6 منٽ ۽ 14 سيڪنڊن ۾ پورو ڪيو، جڏهن ته آصف فضل چوڌري هڪ ڪلاڪ، 7 منٽ ۽ 6 سيڪنڊن ۾ 150 ڪلو ميٽرن وارو فاصلو طئي ڪيو. جڏهن ته  بائيڪرز جي ڊوڙ ۾ ابراهيم خان پهرئين، ضيغم چوهاڻ ٻئين ۽ معين ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. t��

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو