10

پنهنجي ناڪامي جي ڪاوڙ سرڪاري آفيسرن تي ڪڍڻ فرعونيت آهي: مريم نواز

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق پاران عورت اي سي کي دڙڪا ڏيڻ تي مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو ردعمل سامهون آيو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته پنهنجي ناڪامي جي ڪاوڙ سرڪاري آفيسرن تي ڪڍڻ فرعونيت آهيۡ، رمضان بازار ۾ غيرمعياري ۽ مهانگيون شيون حڪومتي نالائقي جو ثبوت آهن، عورت اسسٽنٽ ڪمشنر سونيا صدف سان ٿيل سلوڪ مذمت جوڳو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو