166

پنوعاقل ڀرسان ڪراچي ايڪسپريس جون 9 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون، عورت فوت، 40 مسافر زخمي، حادثي ۾ ڪنهن جي غفلت ثابت ٿي ته سخت ڪارروائي ڪبي: ريلوي وارو وزير

سکر/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سکر ويجهو ڪراچي کان لاهور ويندڙ ريل گاڏي جون 9 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 40 مسافر زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق روهڙي ۽ پنوعاقل جي وچ تي ڪراچي ايڪسپريس جون 9 بوگيون پٽڙي تان هيٺ لهي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ڪراچي واسڻ عظمان زال محمد صابر فوت ٿي وئي، جڏهن ته 40 مسافر زخمي ٿي پيا، اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي زخمين کي سول اسپتال سکر ۽ سي ايم ايڇ پنوعاقل منتقل ڪيو، حادثي سبب ريلوي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهنڪري ريل گاڏين کي مختلف اسٽيشنن تي بيهاريو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثو پٽڙي ٽٽل هجڻ سبب پيش آيو، ريل ۾ 18 بوگيون هيون جن مان 9 بوگيون پٽڙي تان لٿيون، ڄاڻايل حادثو سکر کان 25 ڪلوميٽر پري واري علائقي ۾ پيش آيو. ريلوي ترجمان  مطابق واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ويو آهي، 7 ڪلاڪن جي مسلسل محنت کانپوءِ ريلوي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي ڪراچي ايڪسپريس حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ريلوي کي مڪمل طور تي اپگريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن حادثي ۾ ريلوي ملازمن جي غلطي ثابت ٿي ته سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن ريلوي اختيارين حادثي سبب فوت ٿيل عورت ڪراچي واسڻ عظميٰ جي وارثن کي 10 لک رپيا مالي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪندي زخمين کي هڪ کان 5 لک رپين تائين مالي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو