اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان صنعتي ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار ڪالهه اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي انڊسٽريل زونز جي تعمير، برآمدي هدف حاصل ڪرڻ، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي ترقي جي لاءِ قدمن ۽ آٽو پاليسي تي عملدرآمد تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار هلندڙ مالي سال جي لاءِ طئي ٿيل هدف کان وڌي وڃڻ جي اميد آهي جيڪا ملڪي اقتصادي صورتحال جي لاءِ خوش آئنده آهي، ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ روزگار جي لاءِ پورهيتن ۽ افرادي قوت جي صنعتن تائين آسان پهچ حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ڪراچي جي ترقي جي لاءِ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي شروع ڪرڻ جي منظوري جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت پاران جي سڀ کان وڏي شهر ۾ ماڻهن کي ٽرانسپورٽ جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندي، ماضي ۾ حڪومتون ملڪ جي اقتصادي مرڪز ڪراچي کي نظرانداز ڪنديون رهيون. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ روزگار جي لاءِ پورهيتن ۽ افرادي قوت جي صنعتن تائين آسان پهچ حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي.
88