134

پولنگ بوٿ تي ڳجهيون ڪئميرائون لڳل هجڻ جو انڪشاف، مخالف ڌر جو احتجاج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اهم اجلاس دوران ايوان اندر ڳجهيون ڪئميرائون لڳل هجڻ جو انڪشاف ٿيو. مخالف ڌر جي ميمبرن سينيٽ ۾ لڳل ڳجهيون ڪئميرائون ڳولهي لڌيون، مخالف ڌر ميمبرن احتجاج ڪندي ڪئميرائون ميڊيا کي ڏيکارڻ کانپوءِ ڪڍي ڇڏيون. سينيٽر مصدق ملڪ احتجاج ڪندي چيو ته هي ڌانڌلي آهي، ان تي حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي، ايوان ۾ پولنگ بوٿ تي ڪئميرا لڳائڻ جو اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي، هي ڪئميرائون ڪنهن ۽ ڇو هنيون؟ هي آرٽيڪل 62 ۽ 63  وارو ڪيس آهي، جنهن جو ذميوار صادق ۽ امين رهي نٿو سگهي، پي ٽي آءِ کي پنهنجي سينيٽرن تي اعتماد ناهي، ان لاءِ ڪئميرائون لڳرايون، جنهن جو رخ ووٽر جي منهن ۽ بيلٽ پيپر طرف آهي. مصدق ملڪ چيو ته اسان ايوان ۾ پولنگ بوٿ ڏسڻ وياسين ته 2 ڪئميرائون لڳل هيون، سينيٽ هن وقت پراڻي چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ سينيٽ سيڪريٽري تحت هلي رهيو آهي، پولنگ بوٿ سان گڏ 2 ڊوائيسز به لڳل آهن، هي ڊسڪا نمبر 2 آهي. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته پولنگ بوٿ اندر ۽ بوٿ مٿان ڪئميرائون لڳل هيون، جاچ ٿيڻ گهرجي ته سينيٽ سيڪريٽري ڪنهن جي چوڻ تي ڪئميرائون لڳائڻ جي اجازت ڏني، حڪومت جي چوري پڪڙي وئي آهي، ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي، صلاح مشورا ڪريون ٿا ته سينيٽ ڪميٽي ان معاملي جي جاچ ڪري يا معاملو پوليس حوالي ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي اسيمبلي ميمبر شازيه مري چيو ته پولنگ بوٿ مٿيان ڪئميرا لڳائي وئي آهي، اها پري پلاننگ ڌانڌلي آهي، رضا رباني به اهڙي معاملي تي سخت ڇوهه ڇنڊيا. پرزائيڊنگ آفيسر سيد مظفر حسين شاهه چيو ته اوهان ٿورو صبر ڪريو، پرزائيڊنگ آفيسر سيد مظفر شاهه نوان پولنگ بوٿس لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو