ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منشيات بابت پوليس جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته پوليس کي گهرجي ته پنهنجي صفن مان ڪارين رڍن کي ڪڍي ٻاهر ڪري ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جي سهولتڪارن تي سخت نظر رکندي انهن کي آخري انجام تائين پهچائين. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قائم مقام چيف سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، آءِ جي پوليس مشتاق مهر، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران منهاس، ڊي آءِ جيز ثاقب ميمڻ، رياض اڪبر، پير محمد شاهه، نعمان صديقي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته غلط ڪمن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن جي هڪ فهرست تيار ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. اجلاس ۾ آئي جي پوليس ۽ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي 21 کان 31 آگسٽ تائين ڏوهن جي صورتحال بابت اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اقليتن خلاف پنج ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن ۾ چار ڪراچي اوڀر ۽ هڪ سکر ۾ ٿيو آهي. عورتن خلاف ڏوهن جا 22 ڪيس هئا جن ۾ ڪراچي اوڀر ۾5، سکر 5 ، حيدرآباد 4، ڪراچي اولهه 3، ڪراچي ڏکڻ 2، لاڙڪاڻي ۾ 2 ۽ هڪ شهيد بينظير آباد ۾ رپورٽ ٿيا. هن چيو ته ننڍن ٻارڙن خلاف ڏوهن جا 9 ڪيس رپورٽ ٿيا جن ۾ 5 ڏکڻ، 2 اولهه ۽ هڪ ميرپورخاص ۾ رپورٽ ٿيا آهن. هن چيو ته ڀتاخوري جا 4 ڪيس آهن جن مان هڪ ڪيس ڪراچي اوڀر، هڪ ڪراچي اولهه، هڪ حيدرآباد ۽ هڪ لاڙڪاڻي ۾ رپورٽ ٿيو آهي. پيٽرول / ڊيزل جا 198 ڪيس ھئا جن ۾ 75 حيدرآباد، 57 شھيد بينظير آباد، 31 سکر، 4 ڪراچي اوڀر ۽ 2 ڪراچي ڏکڻ ۾ رپورٽ ٿيا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منشيات جا 798 ڪيس آهن جن ۾ 132 ڪراچي ڏکڻ ، 119 اوڀر، 141 اولهه، 145 حيدرآباد، 54 ميرپورخاص رپورٽ ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال مارچ کان آگسٽ تائين سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان 79 ڪيسن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ 97 جوابدارن کي گرفتار ڪندي ڪيسن کي حل ڪيو ويو جڏهن ته انهن 79 ڪيسن مان 11 اهم هئا، خاص ڪيس ۾ هڪ زمان قتل ڪيس هو جيڪي ڦرلٽ دوران رپورٽ ٿيو آهي. ان ڪيس ۾ ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، بلديا ۾ مسجد جي عطئي واري رقم چوري ڪرڻ جو ڪيس رپورٽ ٿيو ۽ ماڊل ڪالوني مان ٻه اسٽريٽ ڪرمنلز کي گرفتار ڪيو ويو.
