22

پينڊيمڪ ۽ اثرانداز ٿيندڙ معيشت

ليکڪ: رياض ابڙو

ڪووڊ سڄي دنيا جي ملڪن پر خاص ڪري ايٽمي طاقتن کي بي حال ڪري ڇڏيو آهي، وري اسان ته ايترا ”اسٽيبل“ ناهيون جيترا ٻيا وڏا ملڪ آهن. پينڊيمڪ جي ڪري جي دنيا جي وڏن وڏن ملڪن خاص ڪري يورپي ملڪن جي معيشت به 2.9 سيڪڙو جي شرح سان ڪرندي رهي آهي، معنيٰ انهن جي ”جي ڊي پي“ 2019ع جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهندي آئي آهي ۽ ان ۾ واضح لاٿ نظر آئي آهي. وري سڄي دنيا جي معيشت جي لاٿ 4.5 تائين رهي ۽ دنيا جي معيشت کي 87.55 ٽرلين جو نقصان ٿيو، اهڙي صورتحال ۾ اسان جا ملڪي مشير ۽ وزيراعظم جيئن چوندا تيئن ٿي ويندو. هڪ عام مثال آهي ته جيڪڏهن لاڪ ڊائون لڳندا ته ٽرانسپورٽ نه هلندي، ماڻهو جيڪي ڪرايو ڀاڙو ڏئي چڙهندا هوندا اهي پئسا جيڪي بس جي مالڪ کي ملندا سي ته ملڻ بند ٿي ويندا، پر انهن گاڏين جي هلڻ ڪري جيڪي ٻيون انڊسٽريون هلن ٿيون اهي بيهي وينديون، جن ۾ گيريج، رپيئر ۽ مينٽيننس جا ڪم، لبريڪنٽس ۽ اسپيئرپارٽس يا وري انهن سان لاڳاپيل مارڪيٽون، پيٽرول، ڊيزل جي ڀرائي، پيٽرول ڊيزل ۽ لبريڪنٽس جون فيڪٽريون يا صنعتون يعني هڪڙي شيءِ کپندي ته ٻي ٺهندي، رڳو ٽرانسپورٽ جي انڊسٽري بند ڪرڻ سان ڪيترائي سيڪٽر متاثر ٿين ٿا، اهي پوءِ روز جي ڏهاڙي ۽ ڪمائي جا پئسا جڏهن گهر کڻي نه ويندا ته انهن جي گهر جا خرچ نه هلندا يا گهٽ هلندا، اهي بچت سچت ۾ رکيل پئسا آهستي آهستي ڪري کپائيندا يا خرچ ڪندا، جنهن سان وري مارڪيٽ جي شين ۾ اها اسپيڊ نه ايندي جيڪا روايتي هوندي آهي. مثال جي ماڻهو گهران ڪم ڪار لاءِ ٿو نڪري، نوڪري ٿو ڪري، ڏهاڙي ٿو ڪمائي، ڪجهه پئسا گهر کڻي ٿو اچي، ڪجهه خرچ ٿو ڪري ته اهو وري الاهي سارين صنعتن کي هٿي ٿو ڏئي، ان جي رڳو ڪجهه پئسا خرچ ڪرڻ سان مارڪيٽ ۾ هلچل رهي ٿي، جنهن سان طلب ۽ رسد جو گاڏو هلي ٿو. اهڙي ريت جي اهو ماڻهو، اهو سيڪٽر، اها صنعت، اها فيڪٽري بند آهي ته پوءِ معيشت ڪيئن وڌي سگهندي. هونءَ ته عام ڏينهن يا پينڊيمڪ جي اچڻ کان پهرين جيڪي ملڪ بهترين جي ڊي پي ڏين پيا انهن جي واڌ جو واحد ذريعو انهن جي مارڪيٽ جي چرپر هئي، جيڪا اتان جي ماڻهن جي روزمرهه جي زندگي تي دارومدار رکندي هئي، جيڪو ملڪ آباديءَ جي حوالي سان وڏو آهي يا جتي زندگي هاءِ فاءِ ۽ اعليٰ درجي جي آهي اتي جي ماڻهن جي قوت خريد وڌيڪ آهي ته انهن جي جي ڊي پي ۽ ان سان لاڳاپيل عنصر يا انڊيڪيٽرز به زبردست هوندا آهن. شرط اِهو آهي ته اهو ملڪ جي ايڪسپورٽس ۾ گهٽ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجون گهريلو ضرورتون ته پوريون ڪندو هوندو، انهن جي امپورٽس ۾ اسان وانگي واڌ نه هجي، اتان جي ماڻهن جي في ڪس ڪمائي گهڻي هجي يا ساليانو سوين ۽ هزارين ڊالزز گهٽ ۾ گهٽ هجن. پينڊيمڪ جي ڪري تعليمي نظام تمام گهڻو متاثر رهيو. اسڪول بند، ڪاليج بند، يونيورسٽيون بند ۽ وري انهن سان لاڳاپيل سڀ صنعتون به بند، ٽرانسپورٽ جيڪا ٻارن کي اسڪول، ڪاليج کڻي ۽ وٺي اچي سا به بند ۽ وري ان سان لاڳاپيل سڀ سيڪٽر به بند، وري اسڪولن جي بند ٿيڻ سبب پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميا اسٽاف گهٽائي ڇڏيو يا انهن جي پگهارن ۾ گهٽتائي آڻي ڇڏي رڳو اهو بهانو ڪري ته ڪووڊ جي ڪري ٻارن جي فيس ۾ ڪٽوتي ٿئي ٿي يا عدالت پهرين لهر ۾ 20 سيڪڙو فيسن ۾ رعايت ڏياري، وري هاڻي به اهڙو نوٽيفڪيشن آهي پر اهو اهڙن اسڪولن ۽ ڪاليجن تي لاڳو آهي جيڪي 8 هزار کان مٿي فيس وٺندا هجن، وري ساڳي ڳالهه انهن جي ڪوچنگ سينٽرز جي به آهي ته اهي به متاثر رهيا، پوءِ جڏهن ماڻهن جي پر ڪيپيٽا انڪم ئي متاثر رهي ته معيشت ترقي ڪيئن ڪئي يا ان ۾ واڌ ڪيئن آئي؟ اها ئي ڳالهه ٻين اداررن، آرگنائيزيشنز ۽ بئنڪن سان به آهي، توڙي جو انهن کي عدالت ۽ سرڪار جو اهو چوڻ هو ته اهي پنهنجو اسٽاف گهٽ نه ڪندا پر انهن سرڪار کي به نه ليکيو، انهن ته پنهنجو اسٽاف گهٽ ڪيو، پوءِ جڏهن ماڻهن جي في ڪس ڪمائي متاثر رهي، مارڪيٽون بند رهيون، لٽي ڪپڙي، گاڏين، اليڪٽرانڪس ۽ اليڪٽريڪل يا مڪينيڪل مارڪيٽن ۾ ڪا چرپر نه رهي. جيتوڻيڪ انهن کان ڪير پڇاڳاڇا ڪري ته انهن 4 هزار کان مٿي رڳو اسٽيل مل جا ملازم دربدر ڪيا انهن جي بيروزگار ٿيڻ سان انهن جي في ڪس ڪمائي ۾ گهٽتائي نه آئي؟ يا هنن پنهنجي دور ۾ ماڻهن کي ڪهڙيون لکين نوڪريون ڏنيون جو مارڪيٽ ۾ وڏي پئماني تي چرپر آئي. پينڊيمڪ جي دنيا جي ملڪن جي سينٽرل بئنڪن جن ۾ برطانيا، آمريڪا، چين، جرمني، آسٽريا، اٽلي، آسٽريليا، فرانس، اسپين ۽ ڀارت ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آندي ته جيئن بئلينس برقرار رکي سگهجي، اتي پاڪستان پاڻ ساڳي پاليسي آندي جو مارچ کانپوءِ جي مانيٽري پاليسي اڳين ڪوارٽرن کان گهٽ رهي، هنن ته بئنڪ جي لون باروئرز کي به ڇوٽ ڏني ته اهي ڀلي سال يا ڇهن مهينن جي لاءِ قرضن جي ادائيگي ۾ دير ڪن، پوءِ ”جي ڊي پي“ ته متاثر ٿي نه؟ وري ماڻهن جون ڪمايون بند ٿي ويون، ڇو ته روز جا ڪاروبار بند ٿي ويا، مارڪيٽون بند ٿي ويون، وڏي ڳالهه اها هئي ته هنن پاڻ آءِ ايم ايف کي لکت ۾ وينتي ڪئي ته ڊسمبر 2019ع ۾ کنيل 50 بلين رپين جي اوڳاڙي نه ڪري، جنهن کي آءِ ايم ايف مڃي به ورتو، ته پوءِ معيشت ۾ چاڙهه ڪيئن آيو؟ آءِ ايم ايف جي مطابق دنيا جي معيشت ۾ زبردست لاٿ آئي آهي، جيڪا 4.4 جي شرح سان ڪرندي ٿي رهي ۽ دنيا مڃي ٿي ته پينڊيمڪ جي ڪري دنيا ۾ جيڪا ”رسيشن“ ٿي اهڙي رسيشن 1930ع کانپوءِ وري ڪڏهن نه ٿي جو ماڻهن جا روزگار ئي ختم ٿي ويا، ماڻهو ته فاقاڪشي تي اچي ويا، دنيا جي معتبر ملڪن ته پنهنجين يونيورسٽين، فرمن، فيڪٽرين ۽ صنعتن کي تالا هڻي ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏي واپس ڌڪي ڇڏيو هو، جيڪي اڃان تائين پيا ڌڪا کائين، جنوري ۾ ٿورو گهڻو کڻي دنيا جي ملڪن جي معيشت بحال ٿي پر ايتري نه جيتري اميد هئي جو وئڪسين جي اچڻ کانپوءِ اها پڪ هئي ته زندگي واپس پنهنجي ٽريڪ تي موٽي ايندي. رڳو آمريڪا ۾ ماڻهن جي بيروزگاري جي شرح 8.9 هئي، وري ٻين شعبن جي ماڻهن کي به گهر ڀيڙو ٿيڻو پيو هو، جو هوٽل انڊسٽري ته صفا ويهي وئي هئي. دنيا جون 35 ملين بهترين فائيو اسٽار ۽ سيون اسٽار هوٽلون به بند ٿي ويون. دنيا جو ٽوئرزم وري 2025ع تائين به بحال نه ٿي سگهندو، ان سڄي وٺ وٺان ۾ رڳو فارماسيٽيڪل ڪمپنين گهڻو ڪمايو، ڇو ته دنيا جي حڪومتن رڳو ماڻهن جي بچاءَ خاطر ماسڪ، سينيٽائزر، آڪسيجن گئس جي فراهمي، وينٽيليٽرز، وئڪسين يا ٻيون دوائون خريد ڪيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو