114

پيٽروليم بحران، انڪوائرين تي ڇا رڳو استعيفائن سان عمل ٿيندو؟

ايڊيٽوريل

ملڪ ۾ پيٽروليم بحران بابت سال کن اڳ وزيراعظم پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي جي سفارشن تي هڪ سال کانپوءِ حڪومت کي نيٺ عمل ڪرڻ جو خيال اچي ويو آهي ۽ خبرون آهن ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي پيٽروليم ڊويزن بابت خاص معاون نديم بابر کي استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان اسلام آباد ۾ تعليم واري وزير شفقت محمود سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڏسڻو اهو آهي ته ڇا پيٽروليم مصنوعات جي ذخيره اندوزي ڪئي وئي ۽ جيڪڏهن ٿي ته ڪنهن ڪئي؟ هن چيو ته وزيراعظم پيٽروليم ڊويزن بابت پنهنجي خاص معاون نديم بابر کي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڏيندي پيٽروليم وزارت کي سمورا انتظامي فيصلا ڪري رپورٽ ڏيڻ جو چئي ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته قانونسازي اندر ابهام پيدا ٿيو ته اوگرا ۽ پيٽروليم ڊويزن جون ڪهڙيون ذميواريون آهن، پيٽروليم ڊويزن اوگرا مٿان ذميواري وجهندو هو، اسان کي هاڻ اهو ابهام ختم ڪرڻو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ معيشت کي نقصان پهچائيندڙن لاءِ انتهائي گهٽ سزائون آهن، اهي ڪمزوريون ٿيون، ثبوت سان ڪورٽ اندر ڪيسز ڪري سگهجن ٿا،هن چيو ته مافيا عوام جو پئسو ڪڍي رهيو آهي ۽ وزيراعظم کين بلڪل به وڃڻ نه ڏيندو، ان طرفان مافيا کي پيغام آهي ته سندن وقت ختم ٿي ويو آهي، ان موقعي تي شفقت محمود چيو ته پيٽروليم بحران واري معاملي تي سيڪريٽري پيٽروليم کي به عهدو ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، هن چيو ته نديم بابر ۽ سيڪريٽري پيٽروليم انڪوائري تي اثرانداز نه ٿين، ان لاءِ ٻنهي کي عهدو ڇڏڻ جو چيو ويو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته پيٽروليم بحران تي تقريبن هڪ سال اڳ جيڪا انڪوائري ٿي چڪي آهي ۽ ان جون جيڪي سفارشون آهن اڃا تائين اهي عمل لاءِ بيچين آهن ۽ هڪ سال کانپوءِ پوءِ به انهن سفارشن تي من وعن عمل بدران رڳو عهدا ڇڏرائڻ بنيادي طور تي حقيقتن کان منهن موڙڻ جي برابر آهي ۽ انهن سفارشن تي پهريان عمل ٿيڻ گهربو هو ۽ ان کانپوءِ جيڪي به انڪوائريون ٿيڻيون هيون انهن کي پوءِ شروع ڪيو وڃي ها، ڇو ته سال اڳ جڏهن پيٽروليم بحران ٿيو هو، ان وقت مافيائن عوام جا اربين رپيا ڦٻايا هئا ۽ انهن بابت خود حڪومت پاڻ ئي انڪوائري ڪاميٽي ٺاهي هئي ۽ ان ڪاميٽي جيڪي سفارشون پيش ڪيون هيون، ان ۾ وڏي تعداد ۾ ڪامورن کي ذميوار قرار ڏنو ويو هو، نه صرف ايترو پر انهن خلاف ڪارروائي جون سفارشون پڻ ڪيون ويون هيون، پر افسوس ته انهن تي وقت سر عمل نه ٿي سگهيو هو ۽ هاڻ جڏهن عمل جو وارو آيو به آهي ته حڪومت هڪ ٻه عهدا ڇڏرائي لڳي ٿو ته معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ چاهي ٿي، پر عوام جي يادداشت ايتري ڪمزور نه آهي، اسان سمجهون ٿا ته حڪومتي جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ جن جن فردن کي به ملوث قرار ڏنو ويو هو، انهن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ۽ انهن کي سزائون ڏياري عوام کان ڦريل پئسو واپس ڪرايو وڃي، ڇو ته پيٽروليم بحران سبب نه رڳو پيٽرول پر عام واهپي جي شين جا اگهه به چئوڻ پنجوڻ تي وڌي ويا هئا ۽ ان سان عوام مٿان ٽيڻون چئوڻو بار پيو هو، وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم مافيا کي نه ڇڏيندو، اسان سمجهون ٿا ته ڄاڻايل رپورٽن تي من وعن عمل ۽ مافيا کان عوام جو ڦريل پئسو واپس وٺڻ ئي حڪومت جو پهريون امتحان آهي، جيڪڏهن اها پنهنجي پهرئين امتحان ۾ ئي فيل ٿي وئي ته اڳتي عوام جو اعتماد وڃائي ويهندي، ان ڪري مافياز خلاف رڳو بياني نه پر عملي طور تي به سخت قدم کنيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو