اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ساڍا 10 رپيا في لٽر واڌ جو امڪان، سمري خزاني واري وزارت کي ملي وئي، ان سلسلي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ساڍا 10 رپيا في لٽر واڌ جو امڪان آهي، جنهن جي سمري اوگرا پيٽروليم ڊويزن کي اماڻي جيڪا خزاني واري وزارت کي ملي وئي آهي، آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري سمري خزاني واري وزارت کي ملي وئي، جنهن ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا 10 رپيا ۽ مٽي جي تيل جي قيمت ۾ ساڍا 5 رپيا في لٽر اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو في لٽر ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا 5 رپيا في لٽر اضافي جي تجويز آهي، ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري موجوده ليوي ۽ جي ايس ٽي مطابق تيار ڪئي وئي آهي، ان بابت حتمي فيصلو خزاني واري وزارت وزيراعظم جي صلاح سان ڪندي.
