26

پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ وري واڌ، عوام جو ڇا ٿيندو؟

ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ ڪري مهانگائيءَ جو اڳ ئي هلندڙ سلسلو برقرار رکيو آهي. ان حوالي سان پيٽرول هڪ رپيو 71 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايل پي جي به 10 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي وئي. رپورٽ موجب وفاقي حڪومت اوگرا جي سفارش تي پيٽرول جي قيمت ۾هڪ رپيو 71 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، ڊيزل جون قيمتون برقرار رکيون ويون آهن،  پيٽرول مهانگو ٿيڻ کانپوءِ نيون قيمتون 119 رپيا 80 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي، نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نيون قيمتون اڄ کان لاڳو ٿينديون. وزيراعظم جي سياسي رابطن بابت خصوصي معاون شهباز گل چيو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 116 رپيا 13 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت 84 رپيا 67 پئسا برقرار ٿي وئي آهي، مارڪيٽ ڪمپنين ايل پي جي قيمت ۾ 10 رپيا في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي آهي، اوگرا جي نوٽيفڪيشن کانسواءِ قيمت وڌائي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ايل پي جي جي قيمت 180 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي. اِهو سلسلو وري ٻئي ڏينهن پڻ جاري رکيو ويو ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 35 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد گاسليٽ جي نئين قيمت 87 رپيا 49 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. اوگرا ايل پي جي في ڪلو قيمت ۾ 9 رپيا 58 پئسا واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ايل پي جي  11.8 ڪلو جو گهريلو سيلنڊر 113 رپيا 7 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 2010 رپيا 7 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. موجوده حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ مرحليوار قيمتون وڌائڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي ۽ هِن وقت تائين پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ تقريبن 12 رپيا واڌ ٿي چڪي آهي ۽ پيٽرول هِن وقت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي رڪارڊ اگهه تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. هڪ طرف ڪورونا جي ڪري اڳ ئي ملڪ ۾ افراتفري واري صورتحال آهي ۽ سنڌ ۾ لاڪ ڊائون لڳي چڪو آهي، مٿان وري پيٽروليم مصنوعات ۽ ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام کي ڄڻ اِهو احساس ڏياريو ويو آهي ته سندن واهر ڪرڻ وارو هِتي ڪير به نه آهي. وفاقي سرڪار جا وزير ته نه پر مشير وري بيانن ۾ اهڙو تاثر ڏين ٿا ڄڻ حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائي عوام تي ٿورو ڪيو هجي. اسان سمجهون ٿا ته هيءَ انتهائي نازڪ صورتحال آهي ۽ موجوده حڪومت جهڙي طرح سان عوام مٿان مهانگائيءَ جا بم ڪيرايا آهن اِهي به ملڪي تاريخ جي هڪ رڪارڊ طور تاريخ ۾ محفوظ ٿي ويندا. عام طور تي حڪومتون ان لاءِ هونديون آهن ته جيئن اهي پنهنجي عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏئي سگهن ۽ انهن جا بار، اهنج ۽ تڪليفون گهٽائي انهن کي اهڙيون سهولتون ڏين جيئن اُهي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن ۽ دنيا جي سڌرندڙ قومن جي صفن ۾ شامل ٿي سگهن پر پاڪستان جي تاريخ جي هي پهرين حڪومت آهي جيڪا هڪ طرف ته معيشت جي بحاليءَ جي دعويٰ ڪري ٿي ۽ ٻئي طرف روز عوام جي کيسي تي ڌاڙو هڻي مهانگائيءَ جي صورت ۾ ان کان ڪروڙين رپيا وصول ڪري ٿي، جيڪو سراسر ظلم ۽ ناانصافي تي ٻڌل هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن مان خدا جي خلق هاڻ بيزار ٿي وئي آهي ۽ غريبن جا ٻئي هٿ الله طرف آهن ته اُهو هِن مهانگائيءَ جي عذاب مان سندن جان آجي ڪرائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو