177

پيٽروليم مصنوعات کانپوءِ ايل پي جي به مهانگي، گهريلو سلينڊر جي اگهه ۾ 122 رپيا واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جا اگهه به وڌائي ڇڏيا آهن. اوگرا پاران ايل پي جي جي نئين اگهه جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايل پي جي جي في ٽن پيداواري قيمت 95283 رپيا في ٽن مقرر ڪئي وئي آهي. فيبروري 2021ع لاءِ في ڪلو گرام ايل پي جي جو اگهه 10 رپيا وڌائي 158 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گهريلو سلينڊر جو اگهه 122 رپيا وڌائي 1863 رپيا ڪيو ويو ۽ ڪمرشل سلينڊر جو اگهه 471 رپيا وڌائي 7168 رپيا ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو