193

پيٽرول بحران بابت جاچ رپورٽ وزيراعظم حوالي، سڀاڻي عوام لاءِ پڌري ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽرول بحران بابت جوڙيل جاچ ڪميشن پنهنجي رپورٽ وزيراعظم حوالي ڪري ڇڏي آهي، جيڪا سڀاڻي عوام لاءِ پڌري ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پيٽرول بحران انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي، وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پيٽرول بحران ڪميشن واري رپورٽ پبلڪ ڪئي ويندي. وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي حڪم تي پيٽرول بحران بابت جوڙيل ڪميشن جي رپورٽ وزيراعظم کي ملي چڪي آهي، جيڪا سڀاڻي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پبلڪ ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو