111

پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ روپيو 79 پئسا ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 2 روپيا 32 پئسا في ليٽر لاٿ ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم جي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزير حماد اظهر ٽويٽر تي ٻڌايو ته پيٽرول جي هڪ لٽر جي اگهه ۾ هڪ روپيو 79 پئسا،  هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 2 روپيا 32 پئسا، لائٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 2 روپيا 21 پئسا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي.اهڙي ريت گاسليٽ جي اگهه ۾ 2 روپيا 6 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي. اگهه ۾ لاٿ کان پوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 108 روپيا 56 پئسا في ليٽر ، ڊيزل جو نئون اگهه 110 روپيا 76 پئسا، لائٽ ڊيزل جو اگهه 77 روپيا 65 پئسا ۽ گاسليٽ جو نئون اگهه 80 رپيا في ليٽر  ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو