92

پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگهه وڌڻ کانپوءِ ٽرانسپورٽرن به ڀاڙن ۾ ٻيڻ تي واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگهه وڌڻ کانپوءِ مهانگائي جي ماريل عوام تي ٻيو بار، ٽرانسپورٽرن به ڀاڙا وڌائي ڇڏيا، ڪراچي کان حيدرآباد، دادو، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، بدين، سانگهر ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ مسافر گاڏين ڀاڙا ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن،  حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل واڌ عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ گڏيل حڪومت مان عوام بيزاري جو اظهار ڪري رهيو آهي، گذريل رات حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٽيون ڀيرو واڌ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ٽرانسپورٽرن به ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن. سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي کان ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ گاڏين جي ڀاڙن وڏي پئماني تي واڌ ڪئي وئي آهي. ڪراچي کان لاڙڪاڻي جو ڀاڙو 800 رپين بدران 1500 رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لوڪل پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ به 10 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ٽرانسپورٽ اڳواڻ مراد دراني جو چوڻ هو ته هر روز پيٽروليم شين جو اگهه وڌي رهيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ کانپوءِ بچت گهٽ ٿي وئي آهي. هوڏانهن ٽرانسپورٽ کاتي ڀاڙن ۾ واڌ جو ڪو نوٽيس ناهي ورتو ۽ عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو