راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته پي ڊي ايم لانگ مارچ ۽ عدم اعتماد رٿ کان اڳيان نه وڌندي، مولانا فضل الرحمان جتان چاهي اتان سينيٽ چونڊ وڙهي سگهي ٿو. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي ڪاوڙ ۾ گهٽتائي اچي چڪي آهي، تحريڪن سان حڪومتون ناهن وينديون، اسان 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو پر حڪومت نه وئي، اميد آهي ته پي ڊي ايم لانگ مارچ ۽ عدم اعتماد رٿ کان اڳيان نه وڌندي، جيڪي چئي رهيا آهن ته استعيفائون ڏيندا اهي پنهنجي فيصلي تي غور ڪن، استعيفائن سان ڪابه تبديلي نه ايندي، حڪومت جا 3 سال پورا ٿي ويا، هڪ سال رهجي ويو آهي، چوٿين سال چونڊ سرگرميون شروع ٿي وينديون آهن. شيخ رشيد چيو ته سينيٽ چونڊون مارچ ۾ ٿينديون، جنهن سان جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي، فضل الرحمان جيڪڏهن سينيٽ چونڊن ۾ پاڻ حصو وٺندو ته سندس ڪاوڙ ۾ گهٽتائي ايندي، کليل ووٽ تي پ پ ۽ ن ليگ ميثاق جمهوريت تي صحي ڪئي پر هاڻي ڦري ويا آهن، هي اها ئي سينيٽ آهي جنهن ۾ 64 ووٽ هئا ۽ ٿوري دير ۾ گهٽ ٿي ويا. هن چيو ته وزيراعظم جي خواهش آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ وڪري ۽ خريد وارو مرحلو نه ٿئي، ميمبر همٿ ۽ سينو تاڻي ووٽ ڏئي سگهي، سينيٽ چونڊ ۾ کليل ووٽن ۾ مخالف ڌر کي حصو وٺڻ گهرجي، مخالف ڌر کان اميد رکان ٿو ته عقل هٿن مان نه وڃائيندا، جنهن کي چونڊ وڙهڻي هوندي آهي اهو مارڪيٽ ۾ هوندو آهي. شيخ رشيد چيو ته سياست بند گهٽي ۾ داخل ٿيڻ جو نالو ناهي، سياست ۾ ڳالهيون ئي بهتر آپشن آهن، اسان مخالف ڌر کي ڪو ٽف ٽائيم نه پيا ڏيون، جيڪي هو ڪندا اسان به اهو ڪنداسين، پيپلز پارٽي سان منهنجو ڪو رابطو ناهي، پي ڊي ايم اڄ جيڪو به فيصلو ڪندي سڀاڻي لال حويلي ٻاهريان جواب ڏيندس. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلم جا جبل ڪيرائي رهيو آهي، مودي ڪشمير جي اڪثريت کي تبديل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان کي ڪشمير کي آزاد ڪرائڻو آهي.
