ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ملڪ ۾ مذهب، لسانيت يا نسل جي بنياد تي ڪنهن به قانون جي غلط استعمال خلاف آهيون. اڳوڻي پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي نائين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي برابري، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني واري ڪاز خاطر تمام گهڻو ڀوڳيو ۽ قربانيون ڏنيون آهن، بينظير ڀٽو پنهنجي سموري زندگي جمهوريت ۽ رواداري لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري، کيس ملڪ جي باني جي نظريي جي پيروي واري ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ملڪ ۾ مذهب، لسانيت يا نسل جي بنياد تي ڪنهن به قانون جي غلط استعمال خلاف آهيون، سلمان تاثير انتهاپسندي خلاف جبل جيان بيٺل رهيو، پيپلز پارٽي پنهنجي نظريي کي اڳيان وڌائيندي رهندي، هي اهو نظريو آهي جنهن خاطر بينظير ڀٽو، سلمان تاثير، شهباز ڀٽي ۽ ٻين هزارين ماڻهن قرباني ڏني، سندن قربانيون پاڪستان کي هڪ برابري، جمهوري ۽ مسلم ورلڊ جو هڪ روڊ ماڊل ملڪ بڻائڻ لاءِ هيون.
