63

حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ في ليٽر ڇهه رُپيا 72 پئسا واڌ ڪري ڇڏي آهي.حڪومت پاڪستان جي فنانس ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي اگهه ۾ ڇهه رُپيا 72 پئسا في ليٽر واڌ جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 51 پئسا لاٿ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اگهن ۾ ڦيرڦار بعد پيٽرول جي في ليٽر قيمت 233.91 رُپيا ۽ ڊيزل جو نئون اگهه 244.44 رُپيا ٿي ويو آهي.لائيٽ ڊيزل اگهه ۾ 43 پئسا واڌ سان 191.75 رُپيا جڏهن ته گاسليٽ هڪ رُپيو 67 پئسا سستو ٿي 199.40 ٿي ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات ٻارنهين وڳي ( 16 آگسٽ ) کان ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ لاڳو هوندا .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو