ليکڪ: جميل چانڊيو
مملڪت خداداد پاڪستان ۾ جڏهن به حقيقي جمهوري حڪومتن جو قيام عوام جي ووٽ ذريعي آيو آهي، ته انهن حڪومتن عوام کي سڌو سئنون لاڀ ڏنو ۽ ملڪ ترقي طرف وڌيو آهي، اهڙي اقتدار ۾ عوام جي ڳالهه ٻڌي ويندي آهي ۽ عوام جي خوشحالي جا پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن، هونئن ته ملڪ تي ڊگهو عرصو آمريت جا ڪڪر ڇانيل رهيا پر وقت بوقت عوام جي حڪمراني به رهي آهي ۽ اهڙي حڪمرانيءَ ۾ اجهي، لٽي ۽ ڳڀي جي گهرج کي پورو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ جڏهن به جمهوريت لاڳو ڪئي وئي تنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪمراني ٻين جماعتن کان گوءِ کڻي وئي آهي، پيپلز پارٽي عوام جي ووٽ تي يقين رکي ٿي ۽ ان جي ئي طاقت کي سرچشمو سمجهي ٿي ۽ سندس منشور به اهو ئي آهي، عام چونڊن کان وٺي ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ سوڀاري رهي آهي، جيڪا تعليم ۽ صحت سميت ٻين شعبن ۾ ٻين صوبن کان ڪجهه اڳڀري رهي آهي، روزگار جا وسيلا هجن يا ملڪ ۾ صنعتي انقلاب کي برپا ڪرڻ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪردار رهيو آهي، هونئن ته سڄي سنڌ ۾ خانداني سياست کان وٺي علائقي جي حساب سان بااثر قبيلا برسر اقتدار رهيا آهن پر سنڌ جي گادي واري شهر اندر ضلعو ملير آهي جتي موروثي سياست يا بااثر وڏيرڪي سياست پاسيري رهي آهي، هن ضلعي نج سنڌي ۽ بلوچ قبيلن جي اڪثريت سبب هميشه جمهوري قوتن جو ئي ساٿ ڏنو آهي ۽ انهن کي پنهنجي ووٽ جي طاقت ذريعي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو آهي، هونئن ته هن ضلعي ۾ جوکيا ۽ ٻروچن جا قبيلا تاريخي حيثيت رکن ٿا پر هڪ اهڙو ڪٽنب جيڪو بلوچ جدگال طور ڪجهه ئي وقت ۾ عوام جي پذيرائي ماڻي مڪاني چونڊن کان صوبائي اسيمبلي تائين ڪاميابي ماڻيندو پيو اچي تنهن خاندان جي سربراهه انور بلوچ کي سڄي سنڌ سڃاڻي ٿي، هن خاندان جي سربراهه نج انسانيت جي بنياد تي علائقي توڙي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فلاحي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انور بلوچ جي ننڍي ڀاءُ شهيد مرتضيٰ بلوچ جنهن پنهنجو سياسي سفر مڪاني چونڊن ۾ 2000ع کان گڏاپ ٽائون ڪراچي جي ناظم جي حيثيت ۾ شروع ڪيو، جنهن ڪراچي جي ٿر گڏاپ، موئيدان ۽ ڪنڊ جهنگ سميت ملير جي شهري توڙي ٻهراڙي جي عوام جي بغير ڪنهن رنگ نسل جي 8 سال خدمت ڪئي ۽ ڪراچي جي 65 سيڪڙو زميني ايراضي هن ٽائون ۾ آيل آهي، هو علائقي جي ترقي کانسواءِ سوين بي سهارا نياڻين جي اجتماعي ڪاڄن ۾ به ڳڀرو رهيو، شهيد مرتضيٰ بلوچ ٻه ڀيرا ملير جي تڪ تان صوبائي ميمبر چونڊيو ۽ وزير به رهيو ۽ هو علائقي جي ماڻهن سان شادي غمي ۾ گڏ رهندو هو، گذريل سال هو ڪورونا وگهي مختصر وقت اندر ئي خالق حقيقي سان مليو، سندس خاندان لاءِ اهو هڪ وڏو صدمو هو، پر ملير جي عوام سندس وڇوڙي کي ذاتي نقصان سمجهيو آهي، وقت سان گڏوگڏ ملير جي پي ايس 88 تڪ تي پ پ جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد مرتضيٰ جي خالي ٿيل تڪ تي سندس پٽ يوسف مرتضيٰ بلوچ کي پنهنجي نمائندي طور ٽڪيٽ ڏئي سامهون آندو آهي، هي تڪ ٻهراڙي سان گڏوگڏ ملير جي ايئرپورٽ، ڪينٽ ۽ شاهراهه فيصل جي ڪجهه حصي تائين پکڙيل آهي، جنهن جي چونڊ 16 فيبروري 2021ع تي اعلانيل آهي، يوسف مرتضيٰ بلوچ جنهن پنهنجو سياسي ڪراچي ضلعي ڪائونسل ۾ نوجوانن جي سيٽ تي ضلعي ڪائونسلري کان شروع ڪيو ۽ گذريل مڪاني چونڊن جو مدو ختم ٿيڻ سان ئي هن جو ڄاڻايل پيرڊ به ختم ٿيو. پيپلزپارٽي جيئن ئي سندس نالو پي ايس 88 لاءِ پنهنجي اميدوار طور نامزد ڪيو آهي، تيئن ئي ڪيترن ئي قبيلن، ڪميونٽيز ۽ اقليتي برادرين هن نوجوان جي بنا ڪنهن لالچ جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي ۽ ننڍي چونڊ ۾ مٿس مڪمل اعتماد جو اظهار پڻ ڪيو آهي، آئون سمجهان ٿو ته ضمني چونڊن لاءِ پنهنجي مهم دوران يوسف مرتضيٰ بلوچ عوام سان ائين ملي جلي ويو آهي، جيئن سندس شهيد والد هو ۽ اها به خاطري آهي ته هو ننڍي چونڊ ۾ انشاءَ الله اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندو، ڇو ته سندس ڪامياب ٿيڻ سان نه رڳو پيپلزپارٽي جي سوڀ ٿيندي پر بنيادي طور تي اها هن علائقي جي سوڀ ليکي ويندي ۽ علائقي جي ترقي جو رڪجي ويل سفر به سندس ڪاميابي سان ئي شروع ٿيندو.