اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ جمهوري پارٽي آهي جتي اختلافِ راءِ کي ٻُڌو ويندو آهي، پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) پارٽين ۾ اها روايت ناهي، وزيراعظم عمران خان جي سريلنڪا جي دؤري جو مقصد ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ انهن کي معاشي شراڪتداري ۾ تبديل ڪرڻو هو. خميس ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي سريلنڪا جي دؤري ۽ ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان پنهنجي اهم بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پي ٽي آءِ هڪ جمهوري پارٽي آهي، جتي اختلافِ راءِ کي ٻُڌو ويندو آهي پر جڏهن پارٽي قيادت ڪو فيصلو ڪري وٺي ته پوءِ ان کي جيئن جو تيئن تسليم ڪيو وڃي ٿو. پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ اها روايت ناهي. پرڏيهي وزير چيو ته فيصلا سندن خواهشن تي نه پر قانون ۽ ضابطي مطابق ٿيندا. وزيراعظم عمران خان جي سريلنڪا جي دؤري جو مقصد انهن پُراڻن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ انهن کي معاشي شراڪتداري ۾ تبديل ڪرڻ هو. اسان جو سريلنڪا سان ٻه طرفو واپار 432 ملين ڊالر آهي، اسان ان کي هڪ ارب ڊالرن تائين کڻي وڃڻ چاهيون ٿا، اسان سريلنڪا سان ٻه طرفن واپاري لڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف پهلوئن ۽ ايف ٽي اي کي وڌيڪ فعال بنائڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان دهشتگرديءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ معلومات جي مٽاسٽا سميت گڏيل ڪوششون ڪتب آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
