165

پي ٽي آءِ جميعت علماءِ اسلام خلاف فارن فنڊنگ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جميعت علماءِ اسلام خلاف فارن فنڊنگ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبر فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست ۾ جي يو آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ حافظ حسين احمد جو ٽي وي تي هلندڙ انٽرويو به شامل آهي، جنهن ۾ حافظ حسين احمد فضل الرحمان پاران ليبيا ۽ عراق مان فنڊ وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت جي يو آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ ليبيا ۽ عراق جو دورو ڪندا هئا، جميعت علماءِ اسلام خلاف اليڪشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو