153

پي ٽي آءِ Home page1 قرض ارب مان وڌي 2400 ارب رپيا ٿي ويو

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽيHome page1 قرض 1100 ارب مان وڌي 2400 ارب رپيا ٿي ويو آهي، حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ وقت 18 آگسٽ 2018ع تي توانائي جو گردشي قرض 1100 ارب رپيا هو، پاڻي ۽ بجلي وزارت ذريعن جو چوڻ آهي ته 13 نومبر 2020ع تي قرض وڌندو 2400 ارب رپين جي بلندترين سطح تي پهچي ويو، گردشي قرض وڌڻ جي ڪري ملڪ ۾ فارين ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ ۾ گهٽتائي جو خطرو وڌي ويو آهي، گردشي قرضن کي هيٺ آڻڻ جي لاءِ حڪومت انڊ پينڊنٽ پاور پروڊيوسرز سان حتمي ڳالهيون ڪري ورتيون آهن، جنهن سان آءِ پيز جي بجلي سستي ٿيندي پر ان نئين نجي شعبي جي آءِ پي پيز جي مالڪن ۾ خدشا پڻ وڌي رهيا آهن، اهي چئي رهيون آهن ته اسان 7 وڏا وڏا هائيڊرو پاور  پراجيڪٽس ٺاهي رهيا آهيون اسان جو ڇا ٿيندو؟.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو