93

پي ٽي آءِ 62 سيٽون کڻي سر سي حاصل ڪري ورتي، آزاد اميدوار ٻئي ۽ مسلم ليگ (ن) ٽين نمبر تي آئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪنٽومينٽ بورڊز بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ 62 سيٽون کڻي سر سي حاصل ڪري ورتي، مسلم ليگ (ن) ٻئي  ۽ آزاد اميدوار ٽين نمبر تي آيا، رپورٽ موجب ملڪ جي 41 ڪنٽومينٽ بورڊز جي 205 وارڊن ۾ 1569 اميدوار ميدان تي لٿا، پولنگ صبح جو 8 وڳي شروع ٿي جيڪا بغير وقفي جي شام5 وڳي تائين جاري رهي، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب 205 مان 195 وارڊن جو غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجو ظاهر ڪيو ويو آهي، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن تحت پي ٽي آءِ جا 62، آزاد اميدوار 49 ، مسلم ليگ (ن) جا 52 ۽ پيپلرزپارٽي جا 13 اميدوار ڪامياب ٿيا، جڏهن ته متحده قومي موومنٽ جا 10 ، جماعت اسلامي جا 5 ، بلوچستان عوامي پارٽي جا 2 ۽ عوامي نيشنل پارٽي جا پڻ 2 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن،  آخري اطلاعن تائين نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي جي وارڊ نمبر 2 تي آزاد اميدوار نثار علي خان ڪاميابي ماڻي،  جڏهن ته وارڊ نمبر 4 تي ايم ڪيو ايم جي منير  ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، ملتان جي وارڊ نمبر هڪ تي آزاد اميدوار راڻا محمد اشرف ڪامياب ٿيو آهي،  ڪينٽونميٽ بورڊ حيدرآباد جي 10 سيٽن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن، نتيجن موجب متحد قومي موومينٽ 7 سيٽون ماڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته پ پ صرف 3 سيٽون حاصل ڪري سگهي آهي، پي ٽي آءِ، پي ايس پي، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم بحالي ڪميٽي ۽ نواز ليگ جو ڪو به اميدوار ڪاميابي ماڻي نه سگهيو، نتيجن موجب وارڊ 1 تي پ پ اميدوار فقير محمد ڪنڀار 659 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، متحده جو حنيف ڀولو 390 ووٽ کڻي 2 نمبر تي رهيو، وارڊ 2 ۾ متحده جي عابد حسين 927 ووٽ کڻي ڪاميابي پنهنجي ناءُ ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار ارشد مقصود 528 ووٽ کنيا، وارڊ 3 تي پ پ جي اميدوار عبدرالرحمان پٺاڻ 776 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته متحده جي بشير خان 171 ووٽ حاصل ڪيا، وارڊ 4 تي پ پ جي قاضي اشهد عباسي 430 ووٽ کڻي ڪاميابي پنهنجي نالي لکرائي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪاشف قادر 380 ووٽ کڻي 2 نمبر تي رهيو، وارڊ 5 تي متحده جي طاهر پرويز شيخ 536 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ پ پ جي ارتضاءِ شيخ 492 ووٽ حاصل ڪيا، وارڊ 6 تي متحد جي شاهد عبدالعزيز 565 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، پ پ جو محمد بلال 268 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ 7 تي متحده جي عرفان خان 934 ووٽ کڻي ميدان ماريو ۽ محمد فيصل 263 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ 8 تي متحده جي مختيار احمد 783 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو وقار 290 ووٽ کڻي 2 نمبر تي رهيو، وارڊ 9 تي متحده جي غلام علي قريشي 691 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پ پ عدنان 368 کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، وارڊ 10 تي متحده جي شاهد حسين 496 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پ پ جو عبدالشڪور 251 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ٻئي طرف  پنو عاقل ۾ آزاد اميدوار محمد يعقوب عرف منير مھر غير حتمي نتيجن موجب مجموعي طور 108 ووٽ کڻي سوڀارو ٿي ويو، جڏھن تہ پ پ اميدوار احمد علي سومرو مجموعي طور 104 ووٽ حاصل ڪري ٻي نمبر تي رھيو، پ پ پ اميدوار ميجر احمد علي سومرو مردن واري بوٿ تي 74 ووٽ کنيا ۽ آزاد اميدوار منير مھر مردن واري بوٿ تي 83 ووٽ کڻي سگھيو، اھڙي ريت عورتن واري بوٿ تي ميجر احمد علي 30 جڏھن تہ منير مھر 25 ووٽ کنيا، ٻي پاسي رد ٿيل ووٽن بابت فيصلو ٿي نہ سگھيو، مجموعي طور پولنگ اسٽيشن تي ٽوٽل 212 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. جڏھن تہ 7 ووٽن کي چيلنج ڪيو ويو آھي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اليڪشن جنرل وارڊ 1 جي سيٽ تي ٿي جنھن ۾ 2 اميدوار آمھون سامھون ٿيا، جنھن م پيپلز پارٽي طرفان رٽائرڊ ميجر احمد علي سومرو ۽ محمد يعقوب عرف منير مھر آزاد اميدوار طور ميدان تي لٿا، پولنگ صبح جو 8 بجي کان شام 5 وڳي تاۂين جاري رھي، پنوعاقل ڪنٽونمينٽ بورڊ اليڪشن ۾ وارڊ نمبر 1 تي ٽوٽل ووٽرن جو تعداد 426 ھو. جن ۾ 141 عورتون ۽ 285 مردن جا ووٽ شامل آھن، بورڊ اليڪشن لاء ڪينٽ پبلڪ اسڪول ۾ پولنگ اسٽيشنز جنھن ۾ عورتن ۽ مردن لاء ڌار ڌار 2 بوٿ قائم  ڪيا ويا ـ

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو