اسلام آباد (م ڊ) پي ڊي ايم جا مظاهرا ملتوي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون سينيٽ چونڊن ۽ مارچ جي تياري تيز ڪن، رپورٽ موجب پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ان دوران سينيٽ چونڊن ۽ لانگ مارچ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته موجوده سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي پڻ تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جوچوڻ هو ته اليڪشن ۽ مارچ جي ڪري مظاهرا ملتوي ڪيا ويا آهن، سموريون پارٽيون سينيٽ چونڊن ۽ لانگ مارچ جي تياري تيز ڪن، ياد رهي ته پي ڊي ايم 23 فيبروري تي سرگوڌا ۽ 27 فيبروري تي خضدار ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
