اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر کي استعيفائون ڏيڻيون آهن ته ڏئي ڇڏي، لانگ مارچ جو شوق به پورو ڪري، بليڪ ميل نه ٿيندس. اهڙو اظهار هن پارٽي اڳواڻن جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ان گڏجاڻي ۾ پي ڊي ايم جي تحريڪ سميت اهم معاملن تي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پي ڊي ايم جي جلسن ۾ غير جمهوري مطالبا ڪيا پيا وڃن، انهن جا ڪوڙ عوام اڳيان پڌرا ٿي چڪا آهن، لاهورين پي ڊي ايم جي جلسي کي رد ڪري وڏو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته استعفائن جي معاملي تي پوري پي ڊي ايم مونجهاري ۾ آهي، مخالف ڌر جي پارٽين ۾ آمريت آهي، لاهور جي جلسي ۾ مداخلت نه ڪرڻ حڪومت جو سٺو فيصلو هو. هن چيو ته گلگت وارين چونڊن ۽ جلسن کان پوءِ مخالف ڌر جي موقف ۾ دم ئي نه رهيو آهي، اهي ڀلي جيترا به جلسا ڪن پر انهن لاءِ هڪ ئي جواب آهي ته کين اين آر او نه ملندو . مخالف ڌر کي استعفائون ڏيڻيون آهن ته ڏئي ڇڏي، لانگ مارچ جو شوق به پورو ڪري، بليڪ ميل نه ٿيندس. ڦورو جيڪي چاهين طريقا استعمال ڪن، مون تي ڪو به فرق نه پوندو، انهن کي اين آر او نه ملندو، هي رڳو ڦريل ناڻو بچائڻ جي ڪوشش پيا ڪن، هنن جا بليڪ ميل ڪرڻ جا اڃان ٻيا منصوبا پڻ ايندا. ٻي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر استعفا ڏيڻ چاهي ٿي ته ڀلي ڏي اسان کي ڪا به پريشاني نه آهي، هنن کي لانگ مارچ ڪرڻو آهي ته ان ۾ به ٻن مهينن جو وقت نه ڏين پر اڄ ئي اسلام آباد هليا اچن. ڏين استعفا ۽ معاملو ختم ڪن، 13 ڊسمبر بابت مخالف ڌر وڏو گوڙ ۽ وڏيون دعوائون ڪري رهي هئي پر جلسي جي ناڪامي کان پوءِ پي ڊي ايم وارن جا وات هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هي اهڙي بند گهٽيءَ ۾ وڃن پيا جنهن مان انهن جو نڪرڻ ئي ڏکيو ٿي ويندو. پي ڊي ايم پنهنجي سياست دفن ڪري ڇڏي. ٻي پاسي پرڏيهي وزي ساهه محمود قريشي چيو آهي ته پشاور، ملتان، ڪراچي ۽ لاهور جي جلسن کان پوءِ پي ڊي ايم ٽولي جي سياست ختم ٿيندي نظر اچي پئي. هوڏانهن وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت کي مخالف ڌر لاءِ رستو ڏيڻ گهرجي ۽ ڳالهيون شروع ڪرڻ گهرجن.
