اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي اسيمبلي ميمبرن طرفان استعيفائون ڏيڻ واري معاملي تي پي ڊي ايم ۾ شامل وڏين پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور پهچي ويو آهي، جتي مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جاتي امراءَ ۾ پهچي مريم نواز سان سندس ڏاڏي بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪندو. ذريعن مطابق اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران لاهور واري جلسي، استعيفائن واري معاملي سميت اهم اشوز تي ڳالهيون ڪيون وينديون. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز استعيفيٰ واري معاملي تي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي پنهنجي خدشن کان پڻ آگاهه ڪندا.
