اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو شرڪت نه ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، راجا پرويز اشرف، زاهد خان، سڪندر شيرپائو، بي اين پي مينگل جو جهانزيب جمالديني، آغا حسن بلوچ، اڪرم دراني، غفور حيدري، عثمان ڪاڪڙ ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. اجلاس ۾ پي ڊي ايم پاران 5 فيبروري تي راولپنڊي ۾ جلسي جو اعلان ڪيو ويو. اسٽيئرنگ ڪميٽي جو چوڻ هو ته 9 فيبروري تي حيدرآباد ۾ پي ڊي ايم پاران جلسو ڪوٺايو ويندو، جڏهن ته 5 فيبروري تي راولپنڊي ۾ جلسو منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي لانگ مارچ بابت به تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا، 31 جنوري جي ڊيڊلائين کانپوءِ پي ڊي ايم جي حڪمت عملي تي به بحث ٿيو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آڏو رٿيل احتجاج کي پڻ حتمي شڪل ڏني وئي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ اسيمبلين مان استعيفائن وارو معاملو به بحث هيٺ آيو. پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي شريڪ نه هجڻ بابت هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ميمبر ناهي ان لاءِ هو شامل ناهي ٿيو. صحافي سوال ڪيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي جا اوهان به ميمبر ناهيو، جنهن تي مريم نواز جواب ڏنو ته مون کي اڄ خاص مهمان جي حيثيت ۾ اجلاس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.
