26

پي ڊي ايم غير ذميواراڻي سياست ڪري عوام جي حياتين سان کيڏي رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران چيو آهي ته پي ڊي ايم جا جيڪي ميمبر پهريان لاڪ ڊائون جا سخت مخالف هئا ۽ مون تي سخت تنقيد ڪندا هئا، اهي هاڻي غير ذميواري سياست سان ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وفاقي وزير اسد عمر جي ٽوئيٽ تي رد عمل جو اظهار ڪندي وزيراعظم لکيو آهي ته پي ڊي ايم جا اهي ميمبر جيڪي پهريان سخت ترين بندشون چاهيندا هئا ۽ مون تي طنز ۽ تنقيد جا نشتر هلائيندا هئا، اهي اڄ ماڻهن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي سياست ڪري رهيا آهن، ايتري تائين جو عدالتي حڪمن تي به عمل نه پيا ڪن ۽ جسلي ڪرڻ لاءِ بضد آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو