اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ خلاف سازش پئي ٿئي، پي ڊي ايم ان جو حصو آهي، فوج جو تحفظ ڪرڻ منهنجو ڪم آهي. تياري نه ڪرڻ جو بهانو نه ڪيم، اهو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، اهڙو اظهار هن هڪ ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان جي ملڪ جي خلاف هڪ وڏي سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي يورپ ئي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ڏينهن مخالف ڌر وارن فوج جي خلاف ڳالهايو ته ان ئي ڏينهن اسان جي فوجي جوانن تي حملو ڪري کيس شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته فوج رياست جو ادارو ۽ آئون رياست جو چونڊيل نمائندو آهيان، مون کي ته فوج اهو نه ٿي چوي ته هي ڪر يا هي نه ڪر، فوج کي پتو آهي ته عمران خان ڪرپشن نه پيو ڪري، هتان پئسو چوري ڪري نه پيو ڪري وڃي، نه ڪنهن مائٽ کي پيو نوازي، ان کي پتو آهي ته عمران خان پاڪستان لاءِ ئي ڪم پيو ڪري، فوج هر ان وزيراعظم جو ساٿ ڏيندي جيڪو پاڪستان لاءِ ڪم ڪندو، فوج چاهي ٿي ته ملڪ مضبوط ٿئي. هي اسان جي فوج آهي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر ثبوت ڏي ته فوج منهنجي پٺڀرائي ڪيئن پئي ڪري، ڪهڙي جمهوريت ۾ آرمي چيف کي چيو ويندو آهي ته حڪومت کي هٽايو، مون کي حيرت ٿئي ٿي ته مخالف ڌر وارا ڇا ٿا چاهين ته فوج ڇا ڪري؟ مخالف ڌر وارا هڪ پاسي مون کي فاشت ٿا چون تي ٻي پاسي وري ڪٺ پتلي ٿا چون، پهرين هو پاڻ ته فيصلو ڪن آئون ڇا آهيان.جيڪڏهن سيليڪٽيڊ آهيان ته انهن لاءِ اليڪشن ڪميشن موجود هو ۽ ٻيا فورم پڻ هئا. پر هي پاڻ انهن کان ڀڄندا رهيا. هنن سان گڏجي حڪومت ٺاهيان ها ته پوءِ احتساب نه ٿي سگهي ها. وزير اعظم ڪرپشن ڪندو ته پوءِ ڪرپشن هيٺين سطح تائين ٿيندي ويندي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ ڪٿي نه ڪٿي اکيون پورڻيون پون ٿيون، يو ٽرن تڏهن خراب ٿيندو آهي جڏهن نظريي تان هٿ کڻجي، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ پاڪستان جي نظريي تان هٿ کڻڻ برابر ٿيندو، اين آر او تي سمجهوتو نه ڪندس، اين آر او نه ڏيندس، اين آر او لاءِ وڏو دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن انهن کي ريليف ڏئي ڇڏيون ته اهي اسان تي الزام هڻڻ به بند ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته مخالف ڌر جي هٿان بليڪ ميل نه ٿو ٿي سگهان، اها جيڪو چاهي سو ڪري پر اين آر او نه ڏيندس. جيڪڏهن اسان انهن جي دٻاءُ ۾ اچي گوڏا کوڙيا ته ملڪ جو مستقبل تباهه ٿي ويندو، ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندا. ملڪ جا سڀ کان وڏا ڌاڙيل انقلابي ٿي ويا آهن. مخالف ڌر رڳو واويلا پئي ڪري ته حڪومت بس اجهو ٿي وڃي. هن چيو ته اهو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي جنهن جو وزيراعظم ڪرپٽ هجي، منهنجي ڪنهن به وزير تي ڪرپشن جو الزام لڳو ته ان خلاف ڪارروائي ڪندس، عامر ڪياني جي خلاف رڳو بد انتظامي جي ڪري ڪارروائي ڪئي وئي. هن چيو ته اهم عهدن تي ويٺل شخص کي عام ماڻهو جهڙي نه پر وڌيڪ سزا نه ملڻ گهرجي. ملڪ جي تاريخ ۾ شگر مافيا جي خلاف پهريون ڀيرو ڪارروائي ڪئي وئي، کنڊ واري معاملي تي جانچ ميرٽ تي ٿي رهي آهي. شگر مافيا ۾ سڀ کان پهرين شريف ڪٽنب آيو، پوءِ ٻين وزيرن به شگر ملون لڳايون، کنڊ رڳو ڪاغذن ۾ ئي ايڪسپورٽ ٿيندي هئي. ادارن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندو آهيان نه ئي وري ججن کي فون ڪندو آهيان. عمران خان چيو ته خواجا آصف کي دبئي مان روڪ جي صورت ۾ ناڻو اچي رهيو هو، ڪابينا ۾ خواجا آصف جي خلاف جانچ ڪرائڻ لاءِ چيم، اسان کي پتو هو ته اقامو مني لانڊرنگ جو ئي طريقو آهي. نواز شريف ٻيو ڀيرو پرڏيهه ۾ هليو ويو آهي، پهرين هو پرويز مشرف کان اين آر او وٺي ويو. هن چيو ته فضل الرحمان پاڻ کي صادق ۽ امين قرار ڏئي ڇڏيو۽ چوي ٿو ته اربين روپين جي ملڪيتن بابت جواب نه ڏيندس، ان جو ڪو به ڌنڌو ته نه آهي پر ملڪيت اربين روپين جي اٿس. هن چيو ته عوام پنهنجي ليڊرن جي چوري بچائڻ لاءِ ڪڏهن به نه نڪرندو، پر اهو رڳو ڪرپشن جي خلاف ئي نڪرندو آهي. عمران خان چيو ته ايم ڪيو ايم جا نظريا اسان سان ملندڙ جلندڙ آهن، اها اسان جي منشور سان گڏ هلي رهي آهي، منهنجي ويڙهه رڳو دهشتگرد الطاف حسين سان هئي. منهنجو تياريءَ بابت بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، مون ڪڏهن به اهو بهانو ئي نه ڪيو ته ڪو منهنجي تياري ٿيل نه آهي، ٻاهر ويهي ان جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهجي ته ادارن جي حالت ڪهڙي آهي، جڏهن اسين حڪومت ۾ آياسين ته خرچن ۽ آمدني ۾ تاريخي خسارو هو، اسان جي ٽئڪسن مان ٿيندڙ ڪمائي جو اڌ رڳو قرضن ۾ ئي هليو ٿو وڃي. اسان ٻن سالن ۾ 20 ارب ڊالرن جو قرض واپس ڪيو. 17 سالن کان پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 5 مهينن کان سرپلس آهي، اسان جي پرڏيهه مان ناڻي جي اچڻ ۾ پڻ واڌ ٿي آهي، پاڪستان جو سٺو وقت جلد ئي اچڻ وارو آهي. عمران خان چيو ته پنهنجي ٽيم کي تبديل ڪندو رهندو آهيان، 5 سالن کان پوءِ ماڻهو منهنجي ڪارڪردگي ٻڌائيندا. پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته حڪومت ۾ اچي ملڪ جي ڦر لٽ ڪئي وڃي ٿي، سڀ کان پهرين ان کي ئي روڪڻو آهي، اهو تڏهن ٿيندو جڏهن احتساب ٿيندو. جڏهن ڪورونا آيو ته مخالف ڌر خوشيون ڪيون، شهباز شريف ڪورونا دوران لنڊن مان اچي ڪمپيوٽر اڳيان ويهي رهيو. اسٽيل ملز تي ڪيس آهن ۽ انهن ۾ پورهيتن کي جهلي ڀرتي ڪيو ويو. عمران خان چيو ته چين سان گڏجي زراعت ۾ انقلاب آڻي رهيا آهيون، زيتون جي پوک کي هٿي ڏئي رهيا آهيون.
