پشاور / اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم پاران سڀاڻي پشاور ۾ ڪنهن به صورت ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته حڪومت جو مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي، جمعيت علماءِ اسلام (ف)جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت مخالف ڌر جي جماعت پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو ڍانچو مڪمل ٿي چڪو آهي، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو آهي ته سڀاڻي پشاور ۾ تاريخي جسلو ٿيندو، پي ڊي ايم صدر مولانا فضل رحمان جو اهو به چوڻ هو ته حڪومت کي ٻيو ڪو به بهانو نه مليو ته چئي ڇڏيو ته ڪورونا وبا وڏو خطرو آهي، پر اصل ۾ ناجائز حڪمران پاڻ وڏو خطرو آهن جڏهن اسان ڪورونا 19 سان گڏ ڪورونا 18 جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، ۽ اسان عوام جو ووٽ چوري ڪرڻ وارن کي آرام سان ويهڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي جهنڊي جي ڇانو ۾ ملڪ ۾ ناجائز ۽ ناخلف حڪومت خلاف مخالف تحريڪ عروج تي آهي ۽ جيڪا امانت قوم کان ڦري وئي آهي اها واپس وٺي رهنداسين ٻئي طرف وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ تي جلسن جي منتظمين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ جلسن جي منتظمين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي. شبلي فراز جو چوڻ هو ته مخالف ڌر غير ذميواري جو ثبوت ڏئي رهي آهي، انهن پاران جلسو منعقد ڪرائڻ واري ضد تي بيهي رهڻ سندن غيرجمهوري سوچ ۽ غير ذميواراڻي رويي جو ثبوت آهي، عدالتي ۽ حڪومتي حڪمن کانپوءِ جلسو منعقد ڪرڻ جو ڪوبه قانوني ۽ اخلاقي جواز ڪونهي. شبلي فراز وڌيڪ چيو ته ذاتي مفادن لاءِ عوام جي صحت ۽ زندگين سان کيڏڻ سڀ کان وڏي لاغرضي آهي.
