14

پي ڊي ايم ڇڏي ويندڙن کي نظرثاني جو هڪ وڌيڪ موقعو ڏيون ٿا:مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي اسٽيرنگ ڪاميٽي جو اجلاس مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ ٿيو، اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم ڇڏي ويندڙن کي نظرثاني جو هڪ وڌيڪ موقعو ڏيون ٿا، پي ڊي ايم پنهنجي سموري قوت سان بيٺي آهي،ڇڏي ويندڙ ساٿين کي پنهنجي غلطي کي تسليم ڪرڻو پوندو،ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، جلد پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس گهرايو ويندو،سموري قوت سان ڀرپور عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ويندي،هاڻي خاموش نه ويهنداسين، هن چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ماهرن کان معيشت جي بهتري لاءِ تجويزون وٺنداسين،ڪورونا جو پٽڪو ڪندي لاڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن خانگي ٽي وي موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۾ بيڪ ڊور رابطا ٿيا آهن، جنهن ۾ ايندڙ اجلاس ۽ سياسي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو