142

پ پ جو وفاقي پاليسين خلاف ميرپورخاص ۾ ڌرڻو، سيلڪٽيڊ مان عوام جي جان آجي ڪبي: اڳواڻ

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص شهر جيئي ڀٽو جيئي بينظير ڀٽو جي نعرن سان گونجي پيو، پوري شهر ۾ هر طرف پارٽي جي ٽي رنگي جھندن جي بهار، پيپلزپارٽي پاران وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ، وسيلن تي قبضي، مھنگائي، پيٽرول جا اگھ وڌائڻ، ميڊيا خلاف بل آڻڻ جي ڪوشش ، سرڪاري ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ سميت ٻين مسئلن خلاف پيپلز پارٽي جي هزارين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي پنڊال قائم ڪري ڌرڻو ھڻي وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي ۾ ضلعي جي مختلف تعلقن جي ڍاڳواڻن، سپاف، ليڊيز ونگ ، منارٽي ونگ سميت مختلف ذيلي ونگن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايم اين اي شميم آرا پنهور، ايم پي اي سيد ذوالفقارعلي شاهه، ايم پي اي مير طارق ٽالپر، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، پارٽي اڳواڻن مير حسن ڌونڪائي،ڪرن ھري، عبدالسلام ميمڻ، جنيد بلند، دريا خان مري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سليڪٽيڊ وفاقي حڪومت کي سنڌ جي عوام پاران رد ڪرڻ جي پاداش ۾ هڪ سازش تحت سنڌ جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، ملڪ کي 70 سيڪڙوکان وڌيڪ ناڻو ڪمائي ڏيندڙ سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ نٿو ڏنو وڃي، گئس، پاڻي ، بجلي سميت ٻين حقن تي ڌاڙو ھنيو ويو آهي، سنڌ جي زراعت ۽ زمينون پاڻي نه هجڻ جي ڪري تباه ٿي رهيون آهن، ملڪ جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ اهڙو بدترين دورن ڪڏهن نه ڏٺو ويو آهي، لڳي ٿو وفاقي حڪومت صرف پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ هجي باقي سنڌ ۽ بلوچستان وفاق ۾ شامل ئي نه هجن حڪمران سنڌ دشمني ۾ انڌا ٿي چڪا آهن، ٽن سالن ۾ مھانگائي عروج تي آهي ماڻهون بک ۽ بدحالي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، اجايا ٽيڪس مڙهي عوام جو خون چوسي رهيا آهن، نئون پاڪستان ٺاهڻ جا اعلان ڪندڙ ملڪ جي عوام ۾ نفرتون ڦهلائي رهيا آهن، سليڪٽيڊ وزيراعظم واعدو ڪيو هو عوام کي گھر ڏنا ويندا پر حقيقت اها آهي ته عوام مھانگائي ۽ بدحالي سبب گھرن کان ٻاهر آهي، جيستائين غريب عوام سان سان ظلم ٿيندو رھندو پيپلز پارٽي غريبن جو ڀرجھلو ٿيندي، ھن سليڪٽيڊ عوام جنھن حق سچ جي آواز کي دٻائڻ خاطر ميڊيا مٿان ڪارو قانون مڙھڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنھن کي اسان رد ڪريون ٿا، ھنن چيو ته آمرن ۽ عوام دشمن حڪمرانن خلاف هميشه سنڌ مان جدوجھد شروع ٿي آهي ۽ جلد ھن سليڪٽڊ حڪومت مان عوام جي جند آجي ڪرائينداسين، جڏهن ته ان موقعي تي رميش ڪمار مالھي، نياز ڀنڀرو، ڊاڪٽر عدنان ڀرڳڙي، مجيب شر، شاھنواز مغل، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو