اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 19 ڄڻا فوت، 10 ڏينهن ۾ ڪيسن ۾ چئوڻ تي اضافو، 2128 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق، ڪيس وڌڻ تي جلسن، جلوسن تي پابندي ۽ ڪاروبار کليل رکڻ جو فيصلو، اسڪولن بابت حتمي فيصلو هفتي بعد ٿيندو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 10 ڏينهن ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ چئوڻ تي اضافو ٿيو آهي، احتياط نه ڪيو ته اسپتالون مريضن سان ڀرجي وينديون، نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي(اين سي سي) جي اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابنديون لڳائڻ جو فيصلو، شادي هالن ۾ تقريبن ۾ 300 تائين مهمان شرڪت ڪري سگهندا، مسجدن، فيڪٽرين ۽ دڪانن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، اسڪولن کي بند ڪرڻ بابت حتمي فيصلو هڪ هفتي بعد ڪيو ويندو، وائرس اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، احتياط نه ڪيو ته صورتحال خراب ٿيندي، خدا نه ڪري ڪٿي ان کان به حالت خراب نه ٿي وڃي، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا جو تجربو آهي ته ماسڪ جي استعمال سان وبا جي پکڙجڻ جي شرح صفا گهٽ ٿي وڃي ٿي، احتياط سان ان کي روڪي سگهجي ٿو، وزيراعظم چيو ته احتياط ڪرڻ سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجي معيشت به بچائڻي آهي، ڀارت لاڪ ڊائون جي ڪري اڃا تائين معاشي بحران مان ناهي نڪري سگهيو، اسان کي فيڪٽريون ۽ دڪان بند ناهن ڪرڻا، ايس او پيز جي پابندي ڪرڻي آهي، ٽائيگرفورس پنهنجي موبائل فون تان اسان کي ٻڌائيندي ته ڪير ايس او پيز تي عمل نه پئي ڪري، ٻئي طرف : تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته اسڪول بند ڪرڻ جو اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، سياري جون موڪلون وڌائڻ جي تجويز آهي.
