16

پ پ چيئرمين جو پنجاب ۾ استقبال ۽ مخالفن جي وڌندڙ مايوسي…

ليکڪ: مستجاب نذير ڌوڪي

پاڪستان پيپلزپارٽي جي خاتمي جا خواب ڏسندڙ چوندا هئا ته پيپلزپارٽي پنجاب مان ختم ٿي وئي آهي، ڪالم نويس، ٽي وي اينڪر ۽ تجزيي نگار به اهو فيصلو ٻڌائيندا هئا ته پيپلزپارٽي جو ته پنجاب مان صفايو ٿي چڪو آهي، پر پ پ چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداري جو ڏکڻ پنجاب (جنهن کي وسيب چيو وڃي ٿو) رحيم يار خان کان وٺي ليه تائين جنهن جذباتي انداز ۾ عوام استقبال ڪيو آهي، ان عظيم استقبال پيپلزپارٽي جي مخالفن ۾ته مايوسي پکيڙي ڇڏي آهي، گڏوگڏ ڪالم نويسن، اينڪرن ۽ تجزيي نگارن کي به پشيمان ڪيو آهي، رحيم يار خان، لوڌران، مظفر ڳڙهه ۽ ليه ۾ قدم قدم تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ٿيو ۽ اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام جو شهيد ڀٽو سان رومانس ختم ناهي ٿيو، اڃا ته چونڊ مهم شروع ناهي ٿي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ته رڳو ورڪرز ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، پر هو جتان به گذريو انهن رستن تي عوام سندس مٿان محبتون نڇاور ڪيون، ڏسڻ وارن کي بلاول ڀٽو جي روپ ۾ ڀٽو شهيد به نظر آيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد به نظر آئي، سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ پيپلزپارٽي ختم ٿي وئي آهي ته پوءِ وسيب جي سرزمين تي جيئي ڀٽو، زنده آ بي بي زنده آ ۽ وزيراعظم بلاول جا نعرا ڪيئن گونجيا؟ اهي نعرا هڻندڙ نه لاڙڪاڻي مان آيا هئا ۽ نه ئي نوابشاهه مان، اهي صرف وسيب واسي هئا، وسيب واسين جو هيرو صدر آصف علي زرداري آهي، اسلام آباد ۾ پڙهندڙ شاگرد صدر آصف علي زرداري کي مرشد مڃين ٿا، آئون چوان ٿي ته وسيب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي استقبال ۾ وڄندڙ تاڙيون انهن سڀني جي ڳٽن تي زوردار چماٽون هيون جيڪي چوندا هئا ته پ پ پنجاب ۾ ختم ٿي وئي آهي. مون کي خبر آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پنجاب جي ڪامياب دوري کان سخت پريشان آهن، اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته سنڌ ۽ پنجاب جي سرحد صادق آباد واري هنڌ تي جيڪڏهن ناڪو لڳائي محترمه بينظير ڀٽو جو رستو نه روڪيو وڃي ته اها پنجاب کي فتح ڪندي سرحد ۾ ڪامياب ٿي ويندي.  هاڻ چونڊن کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صادق آباد تي هنيل سمورا ناڪا ڊاهي ڇڏيا آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هر خطاب ۾ جتي سرائيڪي عوام جي محرومي ختم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو اتي هن موجوده حڪومت دوران سرڪاري ملازمن جي برطرفين کي به نه وساريو ۽ انهن جي ٻيهر بحالي کي پنهنجو مشن بڻائڻ جو به عهد ڪيو، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته شهيد ڀٽو جو ڏوهٽو پنهنجي عظيم والده محترمه بينظير ڀٽو شهيد ۽ صدر آصف علي زرداري وانگر برطرف ڪيل ملازم بحال ڪندو، پر غور طلب سوال اهو به آهي ته ڪڏهن برطرفين، ڪڏهن ڊائون سائزنگ ذريعي انسانن جي گهرن جي چلهه وسائيندڙن جي انسان دشمني ڪڏهن ختم ٿيندي؟ مون کي خبر ناهي ته روزگار سان لڳل انسانن جي روزگار تي ڌاڙو هڻندڙن جي نڙي گرهه ڪيئن ڳيهي ٿي جيڪي انسانن کي روزي روٽي کان محروم ڪرڻ جي پاپ کان به نٿا مڙن، هلندڙ مهيني هزارين سرڪاري ملازمن جي روزي روٽي تي راتاهون هنيو ويو آهي، انهن انسانن کي محترمه بينظير ڀٽو شهيد نوڪريون ڏنيون هيون جيئن هو پنهنجي والدين جي ڪفالت ڪري سگهن، کين تعليمي قابليت جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون ويون هيون، 1997ع ۾ نواز شريف جي حڪومت انهن کي نوڪرين تان فارغ ڪري ڇڏيو هو، ان وقت ته اهي نوجوان هئا ۽ زندگيءَ کي روان دوان رکڻ لاءِ محنت مزدوري ڪندا هئا، اهي 11 سال ان اميد تي جي رهيا هئا ته محترمه بينظير ڀٽو ايندي ۽ انهن کي نوڪرين تي بحال ڪيو ويندو، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي پارٽي اقتدار ۾ آئي ته صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ ايڪٽ ذريعي انهن ملازمن کي نه صرف بحال ڪيو پر ماضي ۾ انهن سان ڪيل ناانصافي جو ازالو به ڪيو، انهن سرڪاري ملازمن پنهنجي نوجواني نواز شريف جي عتاب ۾ گذاري، هاڻ اهي 50 سالن جي عمر کي پهچي ويا آهن ۽ ڪو بار کڻڻ جي قابل ناهن رهيا ته کين نوڪرين مان فارغ ڪري نيٺ ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي؟ ڇا اهي ملازم عمران خان جي باقي ٻن سالن جي حڪومت ته پري جي ڳالهه بيروزگاري جي عالم ۾ ٻن مهينن تائين به زندگي جو بار کڻي سگهندا؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو