78

ٿر جي بئراجي علائقن ۾ ڪڻڪ ۽ تورئي جي فصلن جالابارا شروع

نفيس نگر (ن سوڀ) ٿر جي بئراجي علائقن ٽالهي، آهوري، فضل ڀنڀرو، سلور موري، گل موري، روشن آباد، آهوري، جهڏو  ۽ ٻين علائقن ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ ۽ تورئي جي فصلن جو لابارو شروع ٿيندي ئي ٿري ماروڙا مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر ۽ ٻين علائقن جا غريب لاڏائو ٿر واسي مزدوري تي ڪڻڪ ۽ توريو جي ڪٽائي لاءِ پهچي ويا آهن  ۽ عارضي اجها قائم ڪري جمعدارن معرفت مقامي زميندارن جون ڪڻڪ جي لڻائي لاءِ پيشنگويون وٺي ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ ٿر جي لاهيارن جيٺو ڀيل، جهامن داس، لوڻيون، ٻيجلو ۽ ٻين ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر ۾ هن وقت مال جو چارو ختم ٿي ويو آهي ۽ اسان پنهنجي ٻچن جو  پيٽ پالڻ لاءِ هر سال وانگر هن سال به پنهنجو مال ڪاهي  بئراجي علائقن ۾ ڪڻڪ،  توريو ۽ ٻين فصلن جي مزدوري ۽ مال جي چاري لاءِ  اچون ٿا، هن سال پاڻي کوٽ گهٽ ٿيڻ سبب ڪڻڪ ۽ توريي جو فصل جي ايوريج بهترين  لٿي آهي، اسان ڪڻڪ جي َڏهين پتي تي لابارو ڪريون ٿا ۽ زميندار کري جي بٽئي کانپوءِ مزدوري ۾ مليل اناج ڏيندو آهي جيڪو اناج اسان پورو سال کائيندا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو