27

ٿر ۾ مقامي نوجوان جي تذليل ۽ مذهبي نفرت جو اظهار ڪندڙ جوابدار گرفتار

مٺي (ويب ڊيسڪ) مٺي ڀرسان مقامي نوجوان جي تذليل ڪندڙ ۽ مذهبي نفرت ۽ تعصب جو اظهار ڪندڙ ٿرڪول جي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پنهنجي ٽويٽر پيغام ۾ تصديق ڪندي چيو ته جوابدار کي کوسڪي ڀرسان گرفتار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته مٺي ڀرسان ھڪ شخص طرفان واٽهڙو نوجوان سان تعصب جو مظاهرو ڪيو ويو، جنھن جي تذليل ۽ تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران واقعي جو نوٽيس ورتو ويو ھو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو