43

ڀارت، جمهوريت ۽ سيڪيولرزم جو شمشان گهاٽ…

ليکڪ: محمود شام

ڏکڻ ايشيا اهڙو بدقسمت خطو آهي جتي علائقائي تعاون جون تمنائون خاڪ ٿي رهيون آهن، سڄي دنيا ۾ علائقائي تعاون جون تنظيمون مثال طور آسيان، يورپي يونين، آفريقي يونين، نارٿ آمريڪي فري ٽريڊ ايگريمينٽ سڀ هڪٻئي سان ٻڌي ڪري رهيون آهن، واپار ۽ صنعت ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، يورپي يونين ته هڪ ڪرنسي يعني يورو اختيار ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿي وئي، پاسپورٽ ۽ ويزا جي ضرورت ئي نه رهي پر ڏکڻ ايشيا جي علائقائي تعاون واري تنظيم سارڪ قدم اڳتي نه وڌائي سگهي، هي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو خطو آهي، هڪ ارب 80 انسان  انهن 8 ملڪن ڀارت، پاڪستان، بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان، سريلنڪا، مالديپ ۽ افغانستان ۾ ساهه کڻن ٿا، دنيا جي ڪل آبادي جو تقريب 24 سيڪڙو، ايڏي وڏي تعداد ۾ انسان زندگي جي بنيادي سهولتن کان به محروم آهن، امن ۽ سڪون کان به، ان جو سبب هن خطي جي سڀ کان وڏي ملڪ ڀارت جي انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ ڪشمير تي غاصباڻو قبضو آهي،  هاڻ 2014ع۾ نريندر مودي جي دهلي جي راڄڌاني سنڀالڻ کانپوءِ ته ڀارت انتهاپسند هندو ذهنيت جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، نه ته ڀارت جا پنهنجا ماڻهو خوش آهن ۽ نه ئي پاڙيسري ڪا آرام سان زندگي گذاري سگهن ٿا، دنيا ته ڇا اسان به 6 ڏهاڪن کان ڀارت جي جمهوريت، صبر ۽ برداشت جا مثال ڏيندا پيا اچون،  پاڻ وٽ مارشلائن جي مذمت ڪرڻ لاءِ دانشور، سياسي اڳواڻ، اديب، شاعر ۽ قانوندان وڏي شد ۽ مد سان چوندا رهيا آهن ته ڀارت ۾ سدائين حڪومت ووٽ سان تبديل ٿئي ٿي، اتي فوج ڪڏهن به نظم ۽ ضبط نه سنڀاليو آهي ۽ اهو به ته اتي سيڪيولرزم جو وڏو چلتو آهي، هندو، مسلمان، سک، عيسيائي، ٻڌ ۽ جين سڀ گڏجي رهن ٿا، انهن وٽ سادگي ۽ ڪفايت شعاري آهي، اتي عدليا آزادي سان فيصلا ڪري ٿي، اخبارون، ٽي وي ۽ ريڊيو آزاد آهن، پر اڄ جو ڀارت جمهوريت ۽ سيڪيولرزم جو شمشان گهاٽ، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مرڪز بڻجي ويو آهي، اتي نه هندن جون ننڍيون ذاتيون محفوظ آهن، نه اقليتون، مسلمان آبادي ملڪ جو 13 سيڪڙو آهي، تقريبن 20 ڪروڙ، پر هر لمحي اهي اذيت ۽ بربريت جو شڪار آهن، پوڻا 3 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ عيسائي به مصيبتن کي منهن ڏين پيا، 2 ڪروڙ سکن جا احتجاج ۽ ڌار ٿيڻ واري تحريڪ جون خبرون اچن ٿيون،  هندو توا پنهجي زورن تي آهي، ٻيا سمورا مذهب پابندين ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪمراني ۾ انتهاپسندي جي به انتها ٿي وئي آهي، ڀارت ۽ پاڪستان جا ڪجهه امن پسند گروپ اڳ ڪوششون ڪندا هئا ته ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ سڌو رابطو ٿئي ته شايد ڀارت جي تعصب پرست تنگ نظر حڪمرانن تي امن قائم ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وڌي، پر بي جي پي سرڪار کانپوءِ اهڙيون ڪوششون به بي فائده ٿي ويون آهن،  ٻنهي ملڪن جي آزادي تي شمع ٻاريندڙ ڪلديپ نئير به سورڳ راهي ٿي ويو، هيڏي پاڪستان مان ڊاڪٽر مبشر حسن به الله کي پيارو ٿي ويو، انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ٻيا گروپ به هاڻ ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ سازگار فضا نه پيا ڏسن، منهنجو به 1972ع کان مختلف صحافتي، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن لاءِ ڀارت وڃڻ ٿيندو رهيو آهي، شملا ڳالهين جي رپورٽنگ لاءِ ويس ۽ پوءِ وزيراعظم اندرا گانڌيءَ کان خاص انٽريو لاءِ به 21 ڏينهن ڀارت ۾ رهيس، آگرا ڳالهين لاءِ ويس ته وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي سان خاص ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پوءِ مشرف-من موهن ڳالهين جي رپورٽنگ پڻ ڪئي. ڀارت ۾ ڪيترائي هندو، مسلمان، عيسائي اديب شاعر ۽ صحافي دوست آهن، اڃا به انهن سان سوشل ميڊيا تي رابطو رهي ٿو، هڪ ٻه سال ڀارت جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ هڪ ئي وقت منهنجا ڪالم به ڇپجندا رهيا، منهنجو تجربو ۽ مشاهدو آهي جيڪو اوهان جو به هوندو ته ڀارت جا عام ماڻهو خطي ۾ امن ۽ سڪون جا خواهشمند آهن، اهي آرام سان زندگي گذارڻ چاهين ٿا، مختلف شهرن ۾ رڪشا، ٽئڪسي ڊرائيورن، دڪاندارن ۽ هوٽلن جي ويٽرن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، اهي اهو چوندا هئا ته نيتا ( سياسي ليڊر) اسان کي پاڻ ۾ ويڙهائين ٿا، اسان جو مسئلو ته ٻن وقتن جي ماني آهي. هاڻ نريندر مودي جي دور ۾ به ڪنهن ڪانفرنس ۾ وڃڻ جو ارادو ئي نٿو ڪري سگهجي، هونئن به امن جي قيام لاءِ هاڻ ڪا مضبوط ڪوشش نه ٿي رهي آهي، اکنڊ ڀارت جو جنون زورن تي آهي، پاڪستان ۾ مستقل بدامني پيدا ڪرڻ، پنهنجي ايجنٽن ذريعي تخريبڪاري جون سازشون بي جي پي جي ايجنڊا آهي. مودي پنهنجي هن انتهاپسند پروگرام ۾ ان حد تائين مصروف آهي جو ڪورونا جي عالمگير وبا کان پنهنجي شهرين جون حياتيون بچائڻ تي به گهربل نه ڏئي سگهيو آهي. هن وقت تائين مريضن جو تعداد وڌي رهيو آهي، ڀارت ۾ ڏيڍ لک جي ويجهو ماڻهو مري چڪا آهن، پنهنجي ماڻهن جي صحت بي جي پي جي ترجيحن ۾ نه آهي، ان ڪري ڪورونا جي شروعات کان ئي ڀارتي حڪمرانن موزون حڪمت عملي ترتيب نه ڏني آهي، منهنجي ڳڻتي اها آهي ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ جمهوريت جي تجربي جي نتيجي ۾ معاشرا مهذب ٿيا آهن، صبر ۽ برداشت ۾ واڌ ٿي آهي، ماڻهن جون حياتيون محفوظ ٿيون آهن پر سڀ کان وڏي جمهوري جي دعويدار ڀارت ۾ انسانيت جو قتل ڇو ٿي رهيو آهي؟ تهذيب ۽ قدرن جو جنازو ڇو پيو نڪري؟ ڇا جمهوريت جي دعويٰ فريب هئي؟ سيڪيولرزم هڪ ڍونگ هو؟، هاڻ ته پاڪستان ۾ تخريبڪاري ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين لاءِ باقاعده ثبوت به دنيا آڏو رکيا ويا آهن، جيڪڏهن آمريڪا ۽ يورپ انهن ثبوتن باوجود ڀارت جي خلاف ڪا ڪارروائي نٿا ڪن ته انهن جي جمهوريت، انصاف پسندي ۽ انسانيت نوازي به سواليا بڻجي ويندي،  ڀارت جي ان پاڪستان دشمني خلاف پاڪستان جي هر شهري، هر سياسي ڪارڪن، هر دانشور ۽ هر پارٽي کي هڪ آواز ٿيڻ گهرجي، خاص طور تي سمنڊ پار پاڪستانين کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي، ڇو ته هي ڪنهن هڪ حڪومت يا هڪ سياسي پارٽي جو مسئلو نه آهي پر هي ملڪ جي بقاءَ جو سوال آهي، هن سال جي شروعات ۾ ڀارت ۾ هندوتوا خلاف ملڪگير احتجاجي ريلين جو سلسلو شروع ٿيو هو پر ڪورونا جي پکيڙ کانپوءِ اهو معطل ٿي ويو، ان احتجاج جي مقابلي ۾ مودي سرڪار بيوس ٿي وئي هئي ۽ اهي احتجاج يقينن ٻيهر شروع ٿيندا. هيءَ مملڪت پاڪستان، عمران حڪومت، پرڏيهي وزارت ۽ سمورين قومي سياسي پارٽين جي آزمائش آهي ته اهي ڀارت کي هڪ انتهاپسند ۽ دهشتگرد ملڪ قرار ڏيارڻ لاءِ دنيا تي ڪيئن دٻاءُ وجهن ٿا، گڏيل قومن ۽ اسلامي ملڪن جي تنظيم مسلمان حڪمرانن کي پنهنجي اتحاد ۽ ٻڌي سان ڪيئن قائل ڪن ٿا، ڀارت مٿان اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرائڻ ئي ان مسئلي جو حل آهي، ڇو ته ڀارت وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويٰ ڪري پنهنجي هڪ ارب کان وڌيڪ صارفين تي ٻڌل مارڪيٽ جو لالچ ڏئي آمريڪا ۽ يورپ کي پنهنجو ديوانو بڻائي رکيو آهي. (جيو جي ٿورن سان)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو