148

ڀارتي اداڪار پريش راول به ڪورونا وائرس جو شڪار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪار پريش راول به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي. 65 ورهين جي پريش راول ٽوئيٽر ذريعي پنهنجي مداحن کي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جو اطلاع ڏنو. بالي ووڊ جي ڪيترن ئي ڪامياب فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ پريش راول پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کي بدقسمتي قرار ڏنو. هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو جيڪي مون سان گذريل 10 ڏينهن دوران رابطي ۾ هئا انهن کي اپيل آهي ته هو پنهنجي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو