204

ڀارتي دهشتگردي وارن ثبوتن جو عالمي برادري سنجيدگي سان نوٽيس ورتو آهي: پاڪ فوج جو ترجمان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ڀارت وٽ  دهشتگرد آهن، جن جو مقصد سي پيڪ تي ڪم ڪرڻ وارن چيني ۽ مقامي مزدورن کي نشانو بنائڻ آهي، پر انهن خطرن باوجود اسان مڪمل تياري ڪري ڪري ورتي آهي، پرڏيهي ويب چينل کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کان پوءِ عالمي سطح تي ڪمزور پوزيشن ۾ آهي، ڊوزيئر سامهون آڻڻ کان پوءِ پاڪستان جو پراڻو موقف عالمي برادري تي ثابت ٿيو آهي،پاڪستان دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ، انساني حقن جي خلاف ورزي جهڙن مامرن تي بار بار چوندو رهيو آهي، ڊوزيئر ۾ ثبوت سامهون آندا ۽ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي ثبوتن کي عالمي برادري سنجيدگي سان ورتو آهي، ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته ڊوزيئر سامهون آڻڻ کان پوءِ دنيا هاڻي ڀارتي اسپانسرڊ  دهشتگردي تي کلي ڪري ڳالهائي رهي آهي، ڀارت جي سمورين ڪوششن باوجود عالمي فورمن توڙي ميڊيا تي بحث ڇڙي پيو آهي، فارن آفيس به ڊوزيئر ڪاپي 5 ۾ پيش ڪيو، ان کان پوءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پيش ڪيو ويو، هاڻ اوهان ڏٺو ته او آءِ سي فورم کان تازه ترين اعلان سامهون آيو آهي، اسان هتي نه رڪنداسين، عالمي سطح تي هن سنگين مامري کي وڌيڪ اڳتي وٺي وينداسين.پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسان افغان قيادت سان به هن مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون، هڪ باقائده ميڪنزم موجود آهي، پر واضح طور تي ٻڌايان ته اسان افغانستان حڪومت جي مسئلن کي تسليم ڪيون ٿا، ان لاءِ پاڪستان خلاف افغان سرزمين استعمال ٿيڻ تي افغان حڪومت مٿان گهڻا الزام نه ٿا ڏيون. ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ آهي ته ڀارت افغان جي سرزمين کي استعمال ڪري سي پيڪ جي سڪيورٽي لاءِ خاص طور تي ٻه ڊويزن فورس جوڙيو آهي ان کان علاوه 8 نوريگولر رجمينٽس به راهداري جي حفاظت تي مقرر ڪيل آهي، اسان جي چيني پارٽنر  ۽ سي پيڪ منصوبي جي سڪيورٽي جا انتظام مڪمل مطمئن ڪندڙ آهن، سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جي هر ڀارتي سازش کي ناڪام بنايو ويندو، ان شاءَ الله سي پيڪ هر ڏينهن پهريان کان وڌيڪ ترقي ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو