125

ڀارتي سفارتخانا قومپرستن جي مالي مدد پيا ڪن، الطاف حسين گروپ جي به فنڊنگ ڪئي: پاڪ فوج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته بلوچستان ۾ ڪارروائي ڪرائڻ ۽ سيپيڪ چي نقصان رسائڻ لاءِ ڀارت 700 هٿياربندن تي ٻڌل مليشيا ٺاهي ۽ ان لاءِ 16 ملين ڊالر رکيا آهن. ڀارتي سفارتخانا انساني امداد جي آڙ ۾ قومپرستن جي مالي مدد ڪن پيا ۽ 23.35 ملين ڊالر جي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي آهي. بلوچستان جو امن امان خراب ڪرڻ لاءِ 50 لک ڊالر ڏنا ويا. هن چيو ته الطاف حسين گروپ کي به ڀارت ڳجهي ايجنسي ”را“ ٻن ڪمپنين ذريعي فنڊنگ ڪئي ۽ اجمل پهاڙي به ڀارت ۾ ٽريننگ وٺڻ جو اعتراف ڪيو هو. سرفراز مرچنٽ ۽ طارق مير اهو مڃيو هو ته ٻن ڀارتي ڪمپنين الطاف حسين کي 30 لک ڊالر کان وڌيڪ ناڻو ڏنو. هن چيو ته بلوچستان ۾ سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڀارت خاص مليشيا ٺاهي آهي، بلوچ عليحدگي پسند ڊاڪٽر الله نذر جي ” را “ سان رابطن جي آڊيو موجود آهي. پي سي گوادر تي حملي لاءِ ڀارت 0.5 ملين ڊالر فنڊنگ ڪئي، دهشتگرد اسلم اڇو ڀارتي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو، ڀارتي ڳجهي ايجنسي پنهنجي فرنٽ مين کي ٻين ملڪن ۾ فنڊنگ ڪري رهي آهي. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، فاٽا ۽ بلوچستان ۾ڀارت قومپرستي وارن لاڙن جي پٺڀرائي ڪري پيو، هو ڀارت سي پيڪ کي نقصان رسائڻ چاهي ٿو، ان لاءِ ڀارت دهشتگرد تنظيمن کي 22 ارب روپيا ڏنا. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي سربراهي ۾ 700 ماڻهن تي ٻڌل خاص سيل جوڙيو ويو آهي جنهن جو واضح مقصد سي پيڪ خلاف ڪارروائيون ڪرڻ آهي. ان سيل کي 80 ارب روپيا ڏنا ويا آهن. شاهه محمود قريشي ڀارت تي واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي رٿائن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان لاءِ 2 سيڪيورٽي ڊويزن قائم ڪيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو