25

ڀارت ايف اي ٽي ايف جي حقيقي روح کي نقصان پهچائي رهيو آهي: وفاقي وزير حماد اظهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڀارت ايف اي ٽي ايف جي فني معاملي تي سياست ڪري رهيو آهي ۽ ايف اي ٽي ايف جي  حقيقي روح کي نقصان پهچائي رهيو آهي، پاڪستان جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان سان ان جي تصديق ٿي وئي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي نڪتن تي اسان جي ڪيل اڳڀرائي کان ڪير  انڪار نه ٿو ڪري سگهي، اسان جلد ٻيو ايڪشن پلان مڪمل ڪري وٺنداسين. هن چيو ته ڀارت ايف اي ٽي ايف جي فني معاملن تي سياست ڪري رهيو آهي ۽ ايف اي ٽي ايف جي حقيقي روح کي نقصان پهچائي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان سان ان جي تصديق ٿي آهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو