اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور چيو آهي ته ڀارت جي نام نهاد جمهوريت ۽ سيڪيولرزم جو پردو هٽي چڪو آهي. ڀارت جمهوريت جي لباس ۾ هڪ انتهاپسند هندو رياست آهي. ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث آهي. جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن ڀارت جي نام نهاد يوم جمهوريه جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي نام نهاد جمهوريت ۽ سيڪيولرزم جو پردو هٽي ويو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ڀارت کي هڪ هندو انتهاپسند فاشسٽ ملڪ طور مڃي رهي آهي. ڀارت ۾ اقليتن خاص ڪري مسلمانن ۽ سکن جا حق کسيا پيا وڃن. سمورا ڀارتي رياستي ادارا آر آر ايس جي هندو انتهاپسند نظرئي جا اهلڪار بڻجي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان خلاف مهم جوئي ۾ ڀارتي فوج ۽ ميڊيا جو ناپاڪ ڳٺ جوڙ وائکو ٿي ويو آهي.
