143

ڀارت جو مشهور پنجابي راڳي دلجان روڊ حادثي ۾ فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو مشهور پنجابي راڳي دلجان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. رپورٽن مطابق دلجان امرتسر کان ڪرتارپور وڃي رهيو هو ته جنڊيالا گرو وٽ سندس ڪار سان ٽرڪ ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ راڳي ٿڏي تي دم ڏنو. پوليس مطابق دلجان جو ڪٽنب ڪينيڊا ۾ رهندڙ آهي ۽ حادثي وقت هو ڪار ۾ اڪيلو هو. راڳي دلجان جي اوچتو وڇوڙي مداحن کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو