193

ڀارت جي ناليواري اداڪاررجني ڪانت پنهنجي سياستي جماعت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ناليواري اداڪار رجني ڪانت پنهنجي سياستي جماعت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيوآهي، ڀارتي ميڊيا مطابق اداڪار رجني ڪانت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته جنوري 20121ع ۾پنهنجي سياسي پارٽي جو بنياد رکندو، جنهن جي پئليٽ فارم تان ايندڙ چونڊن ۾ پڻ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. اداڪار رجني ڪانت مطابق رياست تامل ناڊو ۾ ڪرپشن کان پاڪ حڪومت آڻڻ لاءِ ان جي پارٽي جو چونڊ ۾ کٽي اچڻ تمام ضروري آهي، هن چيو ته پنهنجي فلم اناٿ جي شوٽنگ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي سياسي ڪيريئر جي باقائده شروعات ڪندو ۽ هن ڀيري ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هڻندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو