اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڀارت هندو توا ايجنڊا تي سرگرم آهي، اسلامو فوبيا ۽ بي جي پي بيانن سان سنگين ماحول پيدا ٿئي پيو، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جيو پوليٽيڪل اثرن سان سڌو سنئون متاثر رهي آهي، اسانکي قوم طور پاڪستان کي بهترين پوزيشن ۾ آڻڻو آهي،پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپا هجن ته شايد ٻئي ملڪ انتهائي قدم نه کڻن، اڳوڻي حڪومت اسان لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن،حڪومت موجود مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، بي جي پي اڳواڻن جي بيانن سان مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي.
97