131

ڀارت ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن کي مڪمل تحفظ ڏئي، اميد ڪريون ٿا ته ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ پاڪستان ذميواريون پوريون ڪندو: آمريڪا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جو چوڻ آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن کي مڪمل تحفظ ڏئي. آمريڪي گهرو کاتي جي اردو ترجمان زيڊ تارار نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مقصد وارين ڳالهين جي شروعات ڪن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ گهٽ ڪن، ڪشمير سميت ٻين معاملن تي مثبت ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي وڃي. زيڊ تارار چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت آمريڪا جا پارنٽر ملڪ آهن، مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪن. هن چيو ته آمريڪا جائزو وٺي رهيو آهي ته طالبان امن معاهدي جي شرطن تي عمل ڪري رهيا آهن يا ڀڃڪڙي ڪن پيا، ويڙهه نٿا چاهيون پر افغانستان مان آمريڪي فوج جي ترت واپسي نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته اميد ڪريون ٿا ته آمريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ پاڪستان ذميواريون پوريون ڪندو، ڪيس ۾ نه رڳو انصاف ٿيندو پر انصاف ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي. هن چيو ته يورپي يونين، چين ۽ عرب پارٽنرز جي صلاح مشوري سان ايران ايٽمي معاهدي ۾ شامل ٿينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو