15

ڀارت ۾ڪورونا تباهي مچائي ڇڏي،3688 ڄڻا فوت،4 لک کان وڌيڪ ڪيس پازيٽو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا تباهي مچائي ڇڏي آهي، هڪ ڏينهن ۾3688 ڄڻا فوت ۽ 4 لک کان وڌيڪ ڪيس پازيٽو اچي ويا آهن. رپورٽ موجب ڀارت جي مختلف رياستن ۾عالمي وبا پنهنجا ديرا ڄمائي ورتا آهن، جڏهن ته اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن، جن مان ڪيترن جي حالت خراب آهي، هڪ ڏينهن ۾3688 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو آهي،  جنهن بعد فوتين جو انگ 2 لک کان وڌي ويو،ڪيترن ئي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، رپورٽ موجب ڀارت ۾هن وقت تائين هڪ ڪروڙ 91 لک 64 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن، اسپتالن ۾مريضن جي جڳهه نه هجڻ ڪري ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت آڪسيجن ۽ دوائن جو انتظام ڪرڻ لڳا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو