نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق ڀارت جي صوبي بهار جي ضلعي ڪٽيهار جي قومي شاهراهه تي ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿيا آهن. ضلعي ڪٽيهار جي علائقي ڪرسيلا ٿاڻي جي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته متاثر پورينه شهر ۾ شادي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو.
