نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ تڪراري زرعي قانونن خلاف هارين جي احتجاج ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ۾ مودي حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق هاري اڳواڻ يوگندرا يادو پري ڪانفرنس ڪندي چيو ته هارين 15 ڏينهن جي پلان جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هاري چئن رياستن جي اليڪشن ۾ مودي خلاف مهم هلائيندا، قومي شاهراهن کي بند ڪندا. هن چيو ته هاري تحريڪ جا اڳواڻ ڪيترن ئي رياستن جو دورو پڻ ڪندا. هاري اڳواڻ بلبير سنگهه پريس ڪانفرنس دوران چيو ته مودي سرڪار هارين تي ظلم ڪيا ۽ هارين سان خراب سلوڪ جو ذميوار آهي. هن چيو ته هارين سندس ننڊون حرام ڪيون آهن ۽ کيس سبق سيکاري ڇڏيندا. اولهه بنگال، آسام، ڪيرالا، تامل ناڊو جي اسيمبلي چونڊن جو شيڊول ٻن مهينن کانپوءِ آهي.
