دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ شخص کي پنهنجي ڌيءُ جي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. برطانوي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ڀارت جي اترين رياست اترپرديش سان تعلق رکندڙ شهري سريش ڪمار کي پوليس ان وقت گرفتار ڪيو جڏهن هو پنهنجي ڌيءُ جي تشدد ٿيل سِسي کڻي ٿاڻي پهتو. پوليس موجب سريش ڪمار ٿاڻي ٻاهران رڙيون ڪري رهيو هو ته هو پنهنجي 17 ساله ڌيءُ جي هڪ شخص سان لاڳاپن تي خوش نه هو. سريش ڪمار جو چوڻ هو ته هن پنهنجي ڌيءُ کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي ڪمري ۾ بند ڪيو ۽ پوءِ تيز ڌار اوزار سان سندس سِسي ڌڙ کان ڌار ڪئي. پوليس موجب جوابدار گرفتار ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
